English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ ھاشم پلي واسين جو احتجاج، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي به شريڪ
250 views
|
30th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
استاد عارف پلي جي گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو هڻندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ حاجي هاشم پلي ۾ ٻه مهينا اڳ رٽائرڊ پرائمري استاد عارف پلي جي گهران لڳل ڌاڙي جي واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ مال برآمد نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهري جي اڳواڻي اڳوڻي پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي، ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف منڱريو، جڏهن ته جاويد پلي، علي نواز پلي، علي محمد رونجهو، گل بجير ۽ ٻين ڪئي، لال مالهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ عمرڪوٽ جهڙي پرامن علائقي ۾ ڌاڙا ۽ چوريون معمول بڻجي ويون آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ پوليس پنهنجي ذميوارين نڀائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي، هن چيو تہ ٻه مهينا گذرڻ باوجود عارف پلي جي گهر تي ٿيل ڌاڙي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن، جيڪو پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سواليا نشان آهي، هن اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، محمد يوسف منڱريو صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪمزوري سبب ڏوهارين جا حوصلا بلند ٿي رهيا آهن، هن چيو تہ بودر فارم ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، هن زور ڀريو تہ پوليس فوري ڪارروائي ڪري چوري ڪيل سامان برآمد ڪرائي ۽ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن جاويد پلي، علي نواز پلي، علي محمد رونجهو، گل بجير ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ٻه مهينا اڳ ڳوٺ حاجي هاشم پلي ۾ هٿياربندن ڌاڙو هڻي گهر ۾ موجود سمورو قيمتي سامان کڻي ويا، پر پوليس اڃان تائين ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن چيو تہ جوابدار اڄ به آزاد گهمي رهيا آهن ۽ وڌيڪَ وارداتن جو خدشو وڌي ويو آهي، جنهن سبب متاثر خاندان سميت علائقي واسي سخت خوف ۽ بيچيني ۾ مبتلا آهن، هنن وڌيڪَ چيو تہ عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ ڏوهن تي پوليس جي خاموشي افسوسناڪ آهي، جيڪڏهن صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو تہ علائقي جو امن امان سخت متاثر ٿي سگهي ٿو، مظاهرين آخر ۾ چتاءُ ڏيندي چيو تہ جيڪڏهن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان برآمد نه ڪيو ويو تہ پوءِ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري انتظاميه تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ ھاشم پلي واسين جو ا
و ايم اين اي لال مالهي به شريڪ
0 تبصرے