پٽ کي بيگناهه بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي: جمال الدين سميجو
عمرڪوٽ (ڊ ر) ٻه مهينا اڳ بيدردي سان گلو ڪپي قتل ڪيل مقتول اسماعيل سميجو جي پيرسن والد جمال الدين سميجو پريس ڪلب عمرڪوٽ پهچي تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس پٽ کي بي گناهه قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻي به قاتل ڌر پاران کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ڪيس تان هٿ کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ کيس به قتل ڪيو ويندو، مقتول جي والد الزام لڳايو ته جوابدار الھداد سميجو جا ماما ۽ چاچا محمد رحيم، علي حسن، انور، حنيف ۽ ٻيا کين مسلسل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، هن وڌيڪَ چيو ته سندس پٽ تي ڪوڙو ڪارنهن جو الزام لڳائي جوابدارن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته اسماعيل سميجو مڪمل طور تي بي گناهه هو، جمال الدين سميجو موجب سندن زمين جي پوکي بابت پراڻو تڪرار هلندڙ هو، ۽ اڳ به ساڳين جوابدارن طرفان سندس پٽ تي حملو ڪيو ويو هو، هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.
0 تبصرے