ملير پوليس پاران ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ جمن، فيصل، سارنگ، عبدالحق ۽ ٻيا شامل

ملير پوليس پاران ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي پوليس طرفان مختلف ڪاررواين دوران گٽڪا ماوا فراهم ڪندڙ جوابدار، اسٽيل مل مان اسڪريپ چوري ۾ ملوث ٽولو ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪارروايون پوليس موجب ڀينس ڪالوني موڙ تي اسنيپ چيڪنگ دوران شاهه لطيف ٿاڻو پوليس ڪارروائي ڪندي گٽڪا ماوا ۽ ڇاليا فراهم ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو۔ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد ذوالفقار ولد محمد اقبال طور ٿي۔ پوليس موجب جوابدار گاڏي ذريعي ڇاليا ۽ تيار گٽڪا ماوا اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو۔پوليس جوابدار جي گاڏي مان 6 بورين ۾ 60 ڪلو سوپاريون ۽ 200 پيڪٽ گٽڪا ماوا هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته سپلاءِ لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏي به تحويل ۾ ورتي وئي۔ جوابدار خلاف سنڌ گٽڪا ماوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔ٻئي ڪارروائي ۾ بن قاسم ٿاڻو پوليس اسٽيل مل مان قيمتي سامان چوري ڪندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔ گرفتار جوابدارن ۾ جمن، فيصل، سارنگ ۽ عبدالحق شامل آهن۔پوليس جوابدارن وٽان 40 ڪلو کان وڌيڪ لوهه هٿ ڪيو۔ پوليس موجب جوابدار اسٽيل مل مان اسڪريپ چوري ڪري مختلف گودامن ۾ وڪرو ڪندا هئا۔ گرفتار جوابدارن جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ پڻ موجود آهي، جڏهن ته وڌيڪ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔هوڏانهن سڪڻ ٿاڻو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڀينس ڪالوني مان اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔گرفتار جوابدارن ۾ منظور علي ۽ شعيب علي شامل آهن۔ پوليس جوابدارن وٽان ٻه پسٽل، رائونڊ، روڪ رقم، موبائيل فون ۽ 125 موٽر سائيڪل هٿ ڪئي۔پوليس موجب برآمد موٽر سائيڪل جو رڪارڊ AVLC کان چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هٿ ڪيل هٿيار فرانزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن۔ جوابدار مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن ۽ اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آهن۔پوليس گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ضلعي ملير پوليس ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي۔