برساتن جي موسم ۾ ندين تي پليون نه هئڻ سبب گڏاپ جو ٻين علائقن سان زميني رابطو ڪٽجي ويندو آهي: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين مين گڏاپ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته برساتن جي موسم ۾ ندين تي پليون نه هئڻ سبب گڏاپ جو ڪراچي سميت ٻين علائقن سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويندو آهي، جنهن ڪري شهر جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن چيو ته هر سال برساتن دوران نديون ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿيون، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويهن ٿا. احتجاج ڪندڙن مطابق گذريل برساتن ۾ به گڏاپ جا اٺ ماڻهو نديءَ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا، جن جا لاشا ٽن ڏينهن تائين ڳوليا ويندا رهيا. احتجاج ڪندڙن ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مين گڏاپ روڊ سميت اهم گذرگاهن تي فوري طور برج ۽ پليون تعمير ڪرايون وڃن، جيئن برساتن دوران زميني رابطو برقرار رهي ۽ قيمتي جانيون بچائي سگهجن. احتجاج ۾ زمان جوکيو، نصير جوکيو، عرفان جوکيو، جمن جوکيو سميت ٻين علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.
0 تبصرے