عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) حيدرآباد ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل نوجوان ثناءُ الله ولد مرحوم چنيسر منڱريو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو منڱريا برادري، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي انصاف جي گهر ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ مقتول جي ڀاءُ رمضان منڱريو، چاچي اسماعيل منڱريو، فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو، انجنيئر شھزاد منڱريو، سجاد منڱريو، راشد منڱريو، باغي شاھد ساند، الطاف منڱريو، سچل منڱريو، اياز منڱريو ۽ فقير اقبال منڱريو سميت ٻين اڳواڻن چيو ته ٿري نوجوانن جا قتل ٿيڻ هاڻي عام ڳالهه بڻجي وئي آهي، جيڪا انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت صورتحال آهي، هنن چيو ته بيگناهه نوجوانن جو خون وهي رهيو آهي پر لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اڳواڻن زور ڀريو ته مقتول ثناءُ الله کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، جيڪو پنهنجي گهر جو واحد ڪمائيندڙ هو، ۽ سندس قتل سان هڪ پورو خاندان ڏک ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، ھنن وڌيڪَ چيو ته جيڪڏهن قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سخت تحريڪ هلائي ويندي، مظاهرين خبردار ڪيو ته انصاف ۾ دير وڌيڪَ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن قاتل جلد گرفتار نہ ڪيا ويا ته هو هر سطح تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
0 تبصرے