پ پ جون جڙون عوام ۾ کتل آهن تنهن ڪري مخالفن جي شڪست سندن مقدر بڻجندي آھي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ھر اليڪشن ۾ پ پ جي مخالفت ۾ ننڍڙا ننڍڙا گروپ مختلف نالن سان آندا ويندا آهن، پر شڪست سندن مقدر بڻجندي آھي. پ پ جون جڙون عوام ۾ کتل آهن، جنھن سبب عوام پ پ اميدوارن کي ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ آڻيندو آھي. اھڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي ايم پي اي مرحوم عزيز جتوئي جي فرزند پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر جليل جتوئي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ڏوڪري پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪ باد ڏيڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي خاندان سدائين شرافت ۽ ايمانداري جي سياست ڪئي آھي، جنھن سبب عوام ٽي دفعه لاڳاتار منھنجي والد عزيز احمد جتوئي کي ايم پي اي چونڊيو، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙھنداسين. ان موقعي تي تنوير ميمڻ، شاھ علي خروس، شھاب جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0 تبصرے