مورو واسين جو نوشهروفيروز ۾ وياجين خلاف احتجاج

مورو واسين جو نوشهروفيروز ۾ وياجين خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ مورو جي گچيرو روڊ جي رهواسڻ عورت فرزانہ رند معصوم ٻار ۽ ڀاءُ سان گڏ وياجين جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته پاڙي ۾ رهندڙ عورت رڪي چانڊياڻي کان مجبوري ۾ وياج تي پنج هزار ورتا هيا جنهن کي هر مهيني هڪ هزار روپيا ڏيڻ جي باوجود قرض نه پيو لهي پوءِ خانگي بئنڪ مان 40 هزار روپيا لون ڪرائي ان مائي کي ڏنا آهن هن چيو ته قرض ملڻ کانپوء مائي رڪي پاڻ نه ٿي اچي ان جا پٽ اچن ٿا ته اڃان توهان ڏي قرض آهي اهو ڏيو جيڪي اسلو چانڊيو، ولو ۽ آصف چانڊيو وارا گهر ۾ گهڙي آيا مون تي تشدد ڪيو جن کي مون ٿاڻي تي ٻڌرايو پر پوليس انهن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ وري منهنجي مڙس کي پوليس جوابدارن جي چوڻ تي ٻڌي وئي آهي هن ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري مڙس کي آزادي ڪري حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي