تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قيادت انتهائي مهارت سان ٻنهي ڌرين کي هڪ ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، اهيو پاڪستان جو اهو ڪردار آهي جيڪو ماضيءَ ۾ وڏيون عالمي طاقتون ادا ڪنديون رهيون آهن ۽ هاڻي پاڪستان انهيءَ مقام تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي،
ڇاڪاڻ ت عالمي سياست ۾ هڪ اهڙو ڌماڪيدار موڙ اچي ويو آهي، جنهن طاقت جي سڄي پراڻي توازن کي لوڏي ڇڏيو آهي، بين الاقوامي حلقن ۾ اهي ڇرڪائيندڙ دعوائون گردش ڪري رهيون آهن ت پياري پاڪستان جو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هاڻي صرف عسڪري قيادت جو سربراھ ن آهي پر هو عالمي سطح تي اصل پاور بروڪر جي طور تي اڀري چڪو آهي،
ڄاڻون ذريعن موجب هڪ خفيہ ۽ انتهائي حساس سڌو سنئون رابطو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سيد عاصم منير جي وچ ۾ قائم ٿيو، انهيءَ رابطي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، انهيءَ رابطي سان ن فقط خطي جي بدلجندڙ صورت حال تي گفتگو ٿي پر پاڪستان پاڻ کي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ممڪنہ جنگ کي روڪڻ جي لاءِ مک ثالث جي طور تي پيش ڪيو،
اندروني سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ت ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري خاموش پر انتهائي اهم پردي پويان ڳالهين ۾ پاڪستان هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، حالانڪہ ماضي ۾ اهو ڪردار عالمي طاقتون ادا ڪنديون رهيون آهن،
وڌيڪ حيران ڪندڙ اها ڳالھ آھي ت انهن ڳجهن رابطن ۾ عالمي سطح جا اهم نالا ب شامل رهيا آهن ۽ پاڪستان انتهائي خاموشيء سان هڪ وڏي تصادم کي روڪڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، حالانڪہ سفارتي ماهر انهيءَ پيش رفت کي صرف هڪ ڪاميابي ن پر عالمي توازن ۾ هڪ وڏي تبديلي قرار ڏئي رهيا آهن،
عالمي تجزيہ ڪارن موجب هي پهريون ڀيرو آهي ت پاڪستان ن صرف علائقائي بلڪہ عالمي سطح تي هڪ فيصلي ڪرائڻ وارو ڪردار ادا ڪرائڻ ۾ سامهون آيو آهي، جتي فيصلا فقط واشنگٽن، ماسڪو يا بيجنگ ۾ ن پر اسلام آباد ۾ ب طئہ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن اهي سلسلو اهڙي طرح جاري رهيو ت ايندڙ ڏينهن ۾ عالمي سياست جو نقشو مڪمل طور تي بدلجي سگهي ٿو ۽ هڪ نئون طاقتور مرڪز اڀري سگهي ٿو، "" جنهن جو نالو پاڪستان آهي،
جڏهن ت اسانجي پياري پاڪستان جي سپھ سالار جي حشناڪين کي پروڙيندي پاڙيسري ملڪ هندستان جي انڊين اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي ميمبرن انتها پسند مودي سرڪار کي جهڙي طرح ڌوئي ڇڏيو آهي ت ان مان ائين ٿو محسوس ٿئي ت موديجي جي هندستان ۾ حڪومتي ساک خراب کان خراب تر ٿي رهي آهي، هندستاني حڪومت جي انڊين اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي هڪ رهنما ت ايتري حد تائين چئي ڏنو ت "" ہم دریندر فلم بناتے رہے، مگر پاکستان ھمیں "بندر" بنا کر آگے بڑھ گیا، تو سمجھ میں نہیں آتا کہ مودی کیا کر رھا ہے،
بھر حال پياري پاڪستان جي برجستي سپھ سالار فيلڊ مارشل ۽ پوري دنيا تي پنهنجي سچائي ۽ ذهانت سان اصل پاور بروڪر طور اڀريل ۽ پياري پاڪستان جو وقار بلند رکندڙ سيد عاصم منیر پنهنجي باوقار صلاحیت ڏيکاري ، عالمي دنيا کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان آڱريون ڏندن هيٺان ڏياري ڇڏيون آهن ۽ هڪ ڀيرو وري ٻيهر پيارو پاڪستان طاقتور مرڪز ٿي اڀري ٿو؟
0 تبصرے