English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد مان ڇھين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا اغوا، وارثن جو اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻو
185 views
|
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اڌ ڪلاڪ لاءِ به نياڻي طيبه گهر کان ٻاهر هجي ته پريشان ٿي ويندا هئاسين پر هاڻي ٽن ڏينهن کان گم آهي: آغا وحيد پٺاڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد مان ڇھين ڪلاس جي شاگردياڻي طيبہ مبينا طور تي اغوا ٿيڻ بعد ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود لاپتہ آهي. هن واقعي خلاف وارثن ۽ علائقي جي رهواسين اسٽيل ٽائون پوليس ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو. مظاهرو ڪندڙن نينگري کي فوراً بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.مبينا اغوا ٿيل شاگردياڻي جي والد آغا وحيد پٺاڻ ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ لاءِ به نينگري گهر کان ٻاهر هجي ته پريشان ٿي ويندا هئاسين پر هاڻي ٽن ڏينهن کان لاپتہ آهي. سڄو گهر ذهني اذيت ۽ سوڳ ۾ مبتلا آهي.وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪارروائي ۾ سستي ڏيکاري رهي آهي ۽ ٿڪجي ٿڪجي رهيا آهن جڏهن ته پوليس بار بار جواب ڏئي ٿي ته سي ڊي آر اچڻ کان پوءِ اڳڀرائي ٿيندي. مظاهرو ڪندڙن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان سخت نوٽيس وٺڻ ۽ ڌيءَ کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته طيبہ جهڙي ننڍڙي عمر جي ڇوڪري جو اغوا نه صرف خاندان پر مڪمل سماج لاءِ هڪ ڳري واقعو آهي ۽ اهڙي نوعيت جي واقعات تي تيز ۽ موثر ڪارروائي لازمي آهي.پوليس اڃا تائين لاپتہ شاگردياڻي جي ڳولا ۾ مصروف آهي ۽ وارثن ۽ علائقي جي ماڻهن سان رابطو ڪري اطلاعات گڏ ڪري رهي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد مان ڇھين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا اغوا
0 تبصرے