ڊي سي ٺٽو جي اوپن ڊور پاليسي تحت عوامي مسئلن جي حل جو سلسلو جاري

روزاني بنيادن تي شهرين سان سڌي ريت ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌي رهيا آهيون: سرمد علي ڀاڳت

ڊي سي ٺٽو جي اوپن ڊور پاليسي تحت عوامي مسئلن جي حل جو سلسلو جاري

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي اوپن ڊور پاليسي تحت عوامي مسئلن جي حل جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، جتي شهري بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجا مسئلا کڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهچي رهيا آهن ۽ کين فوري رليف فراهم ڪيو پيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت روزاني بنيادن تي شهرين سان سڌي ريت ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌي رهيا آهن۔ ان موقعي تي مختلف علائقن مان آيل ماڻهن پاڻي، صحت، تعليم، روينيو ۽ ٻين شهري سهولتن بابت مسئلا پيش ڪيا، جن تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن مسئلن کي وقت سر حل ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي - هن چيو ته اوپن ڊور پاليسي جو مقصد عوام ۽ انتظاميا وچ ۾ فاصلا ختم ڪرڻ ۽ شفاف طرز عمل کي هٿي ڏيڻ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به شهري سان ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سڀئي کاتا عوامي خدمت کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائين۔ ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عوامي شڪايتن کي سنجيدگي سان وٺي فوري ۽ اثرائتو حل يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن جو اعتماد بحال ٿئي ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي۔ عوامي حلقن ڊپٽي ڪمشنر جي هن ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته اوپن ڊور پاليسي جي قدم سان عوام جي مسئلن جي حل ۾ نمايان بهتري نظر اچي رهي آهي۔