ھائير سيڪنڊري اسڪول جي آڊيٽوريم ھال ۾ عيد فيسٽيول ۾ اديبن مقالا پڙھيا، فنڪارن ۽ شاعرن محفل کي چوڏھن چنڊ لڳائي ڇڏيا
ڪراچي/خيرپور/ھگورجا(نمائندن وٽان) ھڱورجا پريس ڪلب، يوٿ فورم پاران ثقافت کاتي جي سھڪار سان، تقافتي رنگن سان ڀرپور ٽيون ساليانو عيد فيسٽول ٿي گذريو، عورتن، ٻارن، شھرين، شاعرن، اديب، فنڪارن، سياسي سماجي اگواڻن ۽ نامور شخصيتن جي شرڪت، رات لڙيء تائين ڏات جا ڏيئا روشن ٿيندا رھيا، فنڪارن ۽ شاعرن محفل کي چوڏھن چنڊ لڳائي ڇڏيا، نوجوانن جون جھمريون، مختلف شعبن م بھتر ڪم ڪندڙ شخصيتن کي مڃتا ايوارڊن سان نوازي ھنڱورجا ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي وئي، ٽيون ساليانو ھنڱورجا عيد فيسٽيول ھائير سيڪنڊري اسڪول جي آڊيٽوريم ھال ۾ ٿيو.جنهن ۾ مختلف نشستون ٿيون.ايوارڊن واري نشست ۾ سيد محرم علي شاهه لڪياري, ڊاڪٽر قربان علي سھتو ۽ حاجي شھداد خان ڀاڳت کي ايوارڊن سان نوازيو ويو.جن جي خدمتن تي شبير احمد ميمڻ,غلام جعفر ٽانوري ۽ ضمير سھتو مقالا پيش ڪيا. نشست کي خطاب ڪندي سيد محرم علي شاهه لڪياري چيو ته ھن قسم جا ادبي پروگرام معاشري ۾ نواڻ ۽ ھڪ اميد پيدا ڪن ٿا.ھن چيو ته ھن پنهنجي وس آھر زندگيء ۾ سٺين ۽ مثبت روايتن جي پاسداري ڪئي آهي اڄوڪو ايوارڊ سندس لاء ڪافي اتساھ جو سبب بنجندو.ڊائريڪٽر يوٿ ڊولپمينٽ ۽ اڳوڻي ڊي سي فياض راھوجو چيو ته عيد جي خوشين کي ھن نموني ملھائڻ تمام شاندار طريقو آهي نوجوان تعليم طرف خاص توجهه ڏين ۽ ٽيڪنالاجي سان ئي معاشرا ۽ خطا ترقي ڪن ٿا.ھن چيو ته ھنڱورجا ثابت ڪيو آهي ته ھو شعورمندن جو شھر آهي اميد آهي ته ھن قسم جون صحتمند سرگرميون جاري رھنديون. ڊاڪٽر قربان علي سھتو چيو ته پنهنجي زندگيء ۾ خدمت کي اولين ترجيح ڏني آهي اسان کي اھو سمجھڻ گهرجي ته اسان جي ذات مان ڪنهن کي ڪيترو فائدو ملي سگهي ٿو.ھن چيو ته اڄوڪي پروگرام ۾ اچي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جي ننڍن شھرن ۾ پڻ ھن قسم جا پروگرام ٿين پيا.حاجي شھداد خان ڀاڳت چيو ته انسان کي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي اسان سياست ۽ صحافت ۾ وس آھر ڀرپور محنت ڪئي ھن چيو ته پنهنجي صحافتي دور ۾ باچا خان کان ڪيل انٽرويو يادگار آهي.نشست جي ميزباني سينيئر صحافي فرمان سھتو ڪئي جڏهن ته انجنيئر ضمير حسين ميمڻ,قاصد الله آرائين ۽ مقبول حسين ڀٽو مھمانن کي لنگيون اوڍايون. عيد فيسٽيول ۾ نوجوانن ۾ ڊپريشن جا مسئلا ۽ خدڪشين جو وڌنڌڙ رجحان جي نشست ۾ ڳالھائيندي سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر چيو ته ھن نظام ۾ نوجوانن لاء ڀلائي ڪو پروگرام ناهي حقيقي جھموريت اچڻ سان ئي نوجوانن ڇا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.نوجوان کي پنهنجي مستقبل لاء سوچي اڳتي وڌڻ گهرجي.ھن چيو ته معاشي مسئلن جو حل ضروري آهي اڪثر ڊپريشن جا مسئلا معاشي مسئلن جي ڪري ٿين ٿا.ناليواري ڏاھي ڊاڪٽر فيض جوڻيجو چيو ته سماج ۾ پيدا ٿيندڙ نفساتي مسئلن جا بنيادي چار ڪارڻ آهن.سماجي ويڳاڻپ,معاشي ويڳاڻپ, ملڪيت جي مالڪاڻي ويڳاڻپ ۽ سياسي ويڳاڻپ.اھي نفسياتي مسئلن کي جنم ڏين ٿا.اسان جو سماج انتظامي طور جاگيرداريت جي اثر ۽ عملي طور تي سرمائيداريت ۾ ھلي رھيو آهي.ھن چيو ته ويڳاڻپ (ڊپريشن) جو حل ھڪ مدر آرگنائيزيشن جي گهر ڪري ٿي جيڪا سماج کي ويڳاڻپ مان ڪڍي.ڪاروباري اڳواڻ سليم احمد منگي چيو ته روزگار ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي پر اسان وٽ بيروزگاري وڌڻ نوجوانن ۾ مايوسي پکيڙي ٿو.ھن چيو ته نوجوان ڪاروبار ۽ ھنر طرف اچن ۽ محنت جاري رکن. سينيئر صحافي خادم ڪلھوڙو نشست جي ميزباني ڪئي ۽ ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر اعجاز علي ھرياھ,جنرل سيڪريٽري جميل علي ڀٽو ۽ شاھد رسول قريشي مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. جڏھن تھ شاعري جي نشست ۾ ناليوارن شاعرن پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائي نوجوانن کي واھ واھ ڪرائي ڇڏي.مشاعري جي صدارت ناليواري شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو ڪئي.سنگت جو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ ڄام محبت علي سھتو,لالڻ چنو, ضمير رڪراڻي مھمان طور شرڪت ڪئي.نشست جي ميزباني محمد مٺل تنيو ڪئي ۽ پنهنجي شاعري پڻ ڳائي. جڏهن ته ھنڱورجا پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري جميل علي ڀٽو,عابد سولنگي, شمس الدين شيخ ۽ غلام اڪبر سھتو مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.موسيقيء جي محفل ۾ ناليواري فنڪار امتياز جانوري قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جھومائي ڇڏيو. پروگرام ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ارشاد راڄپر,نياز احمد منڱڻيجو,ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر نور الدين شيخ,ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ذوالفقار گلال,فرحان علي سھتو,پ پ اڳواڻ سلطان احمد سھتو,سنڌ ميمڻ اتحاد جي اڳواڻ انجنيئر ضمير ميمڻ, ڪائونسلر امداد حسين سومرو,حنيف گل سھتو, صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ,سماجي اڳواڻ غلام اصغر سولنگي, سيد سليم شاهه,ذوالفقار ڀٽو, الھيار چانگ,محمد شريف شيخ,رحيم سولنگي,فدا عباسي,قادر بخش ڀنڀرو,خير محمد ڄامڙو,ناظم ڄامڙو,علي داد راڄپر,گلزار سھتو,محمد علي شيخ,عتيق منگي سميت سوين سياسي سماجي اڳواڻن توڙي عورتن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے