ضلعي ۾ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد ۽ خرچن ۾ گهٽتائي بابت قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ دربار هال ڊي سي آفيس ۾ عام هدايتن ۽ حڪومتي ڪفايت شعاري قدمن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران ضلعي ۾ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد ۽ خرچن ۾ گهٽتائي بابت قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو سرڪاري وسيلن جي مؤثر استعمال کي يقيني بڻائين ۽ غير ضروري خرچن کان هر ممڪن پاسو ڪن۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪفايت شعاري پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ آفيسن ۾ سادگي کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن عوامي وسيلن جي ضايع ٿيڻ کان بچي سگهجي۔ مختلف کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي ۽ ايندڙ لائحه عمل تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ ان موقعي تي ضلعي ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو ، جنهن ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو وڌ کان وڌ وڻ پوکين ۽ انهن جي سنڀال کي يقيني بڻائين ته جيئن ماحولياتي بهتري جا هدف حاصل ڪري سگهجن۔ اجلاس ۾ 6 اپريل کان ٿليسيميا جي مريضن لاءِ شروع ڪيل رت جي عطيي مهم بابت پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ ڊپٽي ڪمشنر سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ رت جا عطيا حاصل ڪري سگهجن۔ ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت سمورن آفيسرن کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون ۽ انهن ۾ مٺائي پڻ ورهائي۔ هن هدايت ڪئي ته سڀئي لاڳاپيل آفيسر حڪومتي پاليسين تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن عملي قدم کڻن۔
0 تبصرے