2014ع ۾ والد کي قتل ڪيو ويو، جيڪو معاملو الله حوالي ڪري ڇڏيو: مير علي ناريجو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مير علي ناريجو چيو آهي ته هو 2014ع ۾ پنهنجي پيءُ جي قتل کانپوءِ پهرين ڄامشورو ۽ هاڻي ڪافي عرصي کان مڪلي ڀرسان ناريجا ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي، جتي هو محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيو آهي۔ هن چيو ته هن پنهنجي پيءُ جي قتل جو معاملو الله پاڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، مير علي ناريجو وڌيڪ چيو ته تازو عيد جي ڏينهن ڪوٽڙي ۾ عباس ناريجو قتل ٿيو آھي، جنهن ڪيس ۾ کيس ناحق ڦاسايو پيو وڃي۔ مير علي ناريجو جو چوڻ هو ته عيد جي ڏينهن هو مڪلي ۾ موجود هو ۽ عيد نماز پڻ مڪلي جي عيدگاهه تي ادا ڪئي هئي۔ مير علي ناريجو الزام رد ڪندي چيو ته قتل ٿي ويلن عباس ناريجو منھنجي پيءُ جي قتل سميت ٻين انيڪ ڏوهن ۽ ڀتاخوري ۾ ملوث رهيو آهي ۽ سندس خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻھن سان سندس دشمنيون ھلندڙ آھن تنهن هوندي به کيس ذاتي دشمني تحت ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن۔ سندس چوڻ هو ته ايمانداراڻي جاچ سان واضح ٿي ويندو ته هن جو عباس ناريجو جي قتل سان ڪو به واسطو ناهي۔ هن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ پوليس سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي شامل ڪيو وڃي ۽ جاچ دوران جديد ٽيڪنالاجي، سي سي ٽي وي فوٽيج، موبائل ڊيٽا ۽ شاهدن جا بيان استعمال ڪيا وڃن۔ آخر ۾ هن حڪومت ۽ پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته کيس هراسان ڪرڻ بدران اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جيئن قانون جي بالادستي قائم رهي۔
0 تبصرے