English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت ملير پاران صحافي حمزو پنھور جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي
194 views
|
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
حمزي پنھور جو وڇوڙو قومي سانحو آھي، ڇاڪاڻ ته اھڙا آدرشي انسان ورلي پيدا ٿيندا آھن: مقرر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پاران سينيئر صحافي، استاد ۽ قومپرست اڳواڻ حمزو پنھور جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، مرحوم جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي قومي شاعر سيد غفور شاھ تقوي چيو ته ڪجھ ماڻھن جو ھن دنيا مان وڃڻ جو رنج صرف سندن خاندان تائين محدود نه ھوندو آھي، پر پوري قوم ان نقصان کي محسوس ڪندي آھي هن چيو ته حمزو پنھور پڻ اهڙين ئي شخصيتن مان هو، جن جو وڇوڙو قومي وڇوڙو آھي، ڇاڪاڻ ته اھڙا آدرشي انسان ورلي پيدا ٿيندا آھن. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم نج پج قوم پرست ھيو ۽ سندس قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه ھوندو ھيو.سينيئر صحافي ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جي اڳوڻي صدر سامي ميمڻ چيو ته حمزو پنھور رڳو صحافي يا استاد نه پر هڪ گهڻ رخي شخصيت ھيو ھن چيو ته مرحوم هڪ سچو صحافي، مخلص استاد ۽ پڪو قوم پرست ھيو، جنهن جي رڳ رڳ ۾ قومي درد سمايل ھيو، ۽ اهو ئي جذبو کڻي هو هميشه لاءِ وڇڙي ويو، پر سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون قمبر ٻٽ چيو ته حمزو پنھور جهڙي شخصيت جي سنڌ ڌرتي کي سخت ضرورت آھي. هن چيو ته مرحوم جنهن به اداري يا تنظيم سان لاڳاپيل رهيو، اتي هن مخلصي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن شاخ جي سيڪريٽري اصغر مھرائي چيو ته سنڌ پنهنجي سچي پٽ جي وڇوڙي تي ڏک ۾ مبتلا آهي ۽ سندس جاءِ ڀرڻ ڏکيو ڪم آھي. مجيب سنڌي چيو ته حمزو پنھور سان هر ملاقات ۾ سندس زبان تان سنڌ جو ورد ٻڌڻ لاءِ ملندو هو، ۽ اڄ اهو آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آھي.طارق جان سھتي چيو ته حمزو پنھور جي وڇوڙي سان نه صرف صحافت يتيم ٿي آهي پر سنڌ ڌرتي پڻ پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهي آهي.تعزيتي گڏجاڻي ۾ عنايت شاھ، ڊاڪٽر علي اصغر، جمشيد زهراڻي، جامي ميمڻ، سليمان شاھ ۽ ماجد علي شيدي پڻ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت ملير پاران صحافي حمزو پنھور
0 تبصرے