English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ قاضي غلام نبي ناشاد سان رهاڻ رچائي وئي
150 views
|
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
رهاڻ انٽربيشنل رائٽرز فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مهر پاران ملهائي رچائي وئي
نوشهروفيروز(ڊر)انٽربيشنل رائٽرز فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مهر پاران پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ قاضي غلام نبي ناشاد سان رهاڻ رچائي ويئي۔ ان موقعي ساهتي پرڳڻي جي اديبن شاعرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن اعجاز ممنائي۔سيد مختيار علي شاھ۔ ايم ظفر تڳر۔پروفيسر جبار ملاح۔امانت وسطڙو۔اسد وسطڙو۔ارباب ملاح۔ قاضي ساگر۔ مير حسن مهر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته قاضي غلام نبي ناشاد ادب جي اها روشن شمع آهي جنهن جون لاٽون حال ماضي ۽ مستقبل تائين پکڙجي رهيون آهن۔قاضي ناشاد کي شاعريء جي ڪشش بيحد ڪارائتي رهي ۽ سندس نثر ۽ نظم ۾ ٽي ڪتاب شايع ٿيا آهن جيڪا سندس بهترين ۽ وزنائتي ڪوشش آهي۔ اڳواڻن چيو ته ناشاد جي ڏات ۾ پختگيء جو سبب اُن وقت جون ادبي شخصيتون ھيون جن جي صحبت کيس ادب جي دنيا ۾ ٽن خوبصورت ڪتابن جي تخليق ڪرڻ جھڙي زبردست صلاحيت ڏني. اڳواڻن چيو ته ناشاد سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بنياد 1976 ۾ رکيو۔سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواھڻ کي 1992 ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي متحرڪ ۽ فعال شاخ جو اعزاز پڻ قاضي ناشاد جي محنت جو نتيجو آھي. اڳواڻن چيو ته ناشاد جي لکڻين جي سنوار سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ويھڪن مان نکري نروار ٿي.اڄ کيس ادبي خدمتن عيوض ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون۔ اڄ ناشاد جهڙن محبتي ۽ امن پسند ماڻھن جي ضرورت آھي جيڪي ادب جي واڌ ويجهه لاء سنجيدگيء سان ڪم ڪن ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي سماج جو نالو روشن ٿئي.پروگرام ي آخر ۾ عيد مشاعرو رکيو ويو جنهن ۾ شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي جڏهن ته غلام حسن ڪلهوڙي ترنم ۾ ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ قاضي غلام نبي ناشاد سان
0 تبصرے