English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي هدايتن تي 23 مارچ جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
7 views
|
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
يومِ پاڪستان اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ عظيم قربانين جي علامت آهي، جنهن کي اجاگر ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي: پرٿوي راج
مٺي (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي هدايتن تي اڄ ڪرارداد پاڪستان جي ڏھاڙي جي حوالي سان قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء ڊي سي آفيس کان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٿرپارڪر پرٿوي راج ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي جي اڳواڻي ۾ هڪ پروقار ريلي ڪڍي ويئي,ريلي کي خطاب ڪندي مقررين جو چوڻ ھو ته يومِ پاڪستان اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ عظيم قربانين جي علامت آهي، جنهن کي اجاگر ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان مثبت سوچ ۽ جدوجهد سان حاصل ٿيو، تنهن ڪري اسان سڀني کي عزم ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم، صحت ۽ صفائي جون سهولتون فراهم ڪريون. ريلي کي خطاب ڪندي اي ڊ ي سي پرٿوي راج وڌيڪ چيو ته بهار جي مند جي وڻڪاري مهم شروع ڪئي پئي وڃي جنهن دوران هر هڪ شھري وڌکان وڌ ٻوٽا لڳائي گدلاڻ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري,سندس چوڻ ھو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاء ضلعي انتظاميه ٿرپارڪر جي اها ڪوشش آھي وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائي سرسبر ٿر جو خواب ساڀيان ڪري سگهجي ٿو .ان موقعي تي ٻين مقررين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 23 مارچ اسان جي قومي فخر جو ڏينهن آهي، ۽ اسان کي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي، جنهن ملڪ جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي, ريلي ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن، استادن، شاگردن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ايس ايس پي آفيس ٿرپارڪر ۾ قومي جهڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي جنهن ايس ايس پي ٿرپارڪر محمد شعيب ميمڻ ۽ اي ڊي سي ٽو ٿرپارڪر پرٿوي راج قومي پرچم ڪشائي ڪئي ۽ پوليس جي دستي پاران گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Mar 2026
•
پاکستان
اسلام آباد میں ہمک پولیس اسٹیشن کی حدود میں ٹک ٹاکر ثناء جاوید عرف آؤٹ لوفرہ کو قتل کر دیا گیا
23rd Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
فطرت: انساني سمجهه جو پهريون ڪتاب
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا سڳيون لنڪ روڊ تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عيد جون ٽيون ڏينهن، سياسي سماجي اڳواڻن جي عوامي پريس ڪلب آمد جاري
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري واسي نوجوان جو مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج
23rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ غيرت جي نالي تي ٻٽو قتل، مقتولا ناري جو مڙس ۽ ڏير گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي
پرٿوي راج
0 تبصرے