پيرڳوٺ : اسڪول لاءِ ڏنل زمين جو معاوضو نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، نوٽيس وٺڻ جي اپيل.

ڳوٺ علي بخش ڪانھر جي رهواسين سرڪار کان واعدو ڪيل معاوضو ۽ نوڪري نه ملڻ تي احتجاج ڪيو.

پيرڳوٺ : اسڪول لاءِ ڏنل زمين جو معاوضو نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، نوٽيس وٺڻ جي اپيل.

رپورٽ موجب پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ علي بخش ڪانھر جي رهواسين جان محمد ڪانھر، محمد اسلم، فدا حسين، حسن علي ڪانھر ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته هنن ڪيترائي سال اڳ ڳوٺ جي اسڪول لاءِ پنهنجو پلاٽ ڏنو هو، پر اڃا تائين کين ڪوبه معاوضو نه مليو آهي. هنن چيو ته سرڪار طرفان نوڪري ۽ معاوضو ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا، جيڪي هن وقت تائين پورا نه ٿيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ڳوٺاڻن چيو ته هو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه سميت ٻين واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين معاوضو ۽ نوڪري ڏئي سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.