ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، اٽي جي چڪي تي ڪم ڪندڙ مزدور مارجي ويو

صفياڻي پاڙي شجره پمپ ڀرسان ذاتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نصير خان مارجي ويو

ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن جي  فائرنگ، اٽي جي چڪي تي ڪم ڪندڙ مزدور مارجي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري جي حدن ۾ واقع صفياڻي پاڙي شجره پمپ ڀرسان ذاتي تڪرار تان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. .فوتي جي سڃاڻپ نصير خان ولد نبي بخش طور ٿي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 55 کان 60 سال ٻڌائي وڃي ٿي. پوليس موجب مقتول اٽي جي چڪي تي مزدوري ڪندو هو. شروعاتي ڄاڻ موجب ٻه ڏينهن اڳ مقتول جو ڪجهه نامعلوم ماڻهن سان جهيڙو پڻ ٿيو هو، جنهن کي واقعي جو مک ڪارڻ قرار ڏنو پيو وڃي.اطلاع ملڻ شرط پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪيا، جڏهن ته لاش کي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي