نوشهروفيروز ۾ غريب جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون

سماجي تنظيم ڊبليو ايف ائڊ ۽ محسن فوزيه جعفر فائونڊيشن جي تعاون سان تقريب منعقد

نوشهروفيروز ۾ غريب  جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون

نوشهروفيروز(ڊر) سماجي تنظيم ڊبليو ايف ائڊ ۽ محسن فوزيه جعفر فائونڊيشن جي تعاون سان ايوري هيومن ميٽرس فائونڊيشن پاڪستان پاران چنه شادي هال ۾ ويهه غريب ۽ مسڪين جوڙن جي اجتماعي شادين جو پروگرام ٿي گذريو ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن سيد آصف حسين شاه ڊاڪٽر غلام حيدر ڪاظمي۔محمد يوسف حسيني احمد علي جعفري عرفان علي چنه سيد ثمر عباس نقوي اعجاز ممنائي۔ مولانا خادم حسين الحسيني ۽ ٻين چيو ته هن تنظيم طرفان هر سال هي اجتماعي شادين جو پروگرام منعقد ڪرائيندا آهيون جنهن ۾ نهايت مستحق۽ يتيم نياڻين جون شاديون ڪرائي خوشيون محسوس ڪري رهيا آهيون آهن ، جنهن ۾ هر جوڙي کي ننڍو تحفو پيش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي نياڻيون پنهنجو گهر آباد ڪري سگهن۔ اڳواڻن چيو ته هي انسانيت جو شيوو ۽ مذهبي هم آهنگي پيار رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي۔ اڳواڻن چيو ته هن شادين جي پيغام کي وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏيندا ته جيئن غربت ۽مستحقن جي مدد ٿي سگهي۔