عمرڪوٽ: اسماعيل سميجو قتل ڪيس جو جوابدار عدالت ۾ پيش

پوليس گرفتار جوابدار الهداد سميجو کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ: اسماعيل سميجو قتل ڪيس جو جوابدار عدالت ۾ پيش

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي مک علائقي موتي چوڪ لڳ ٽي ڏينهن اڳ دل ڏاريندڙ قتل جو شڪار نوجوان اسماعيل سميجو جو مرڪزي جوابدار الهداد سميجو عمرڪوٽ پوليس پاران گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت کان 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته عدالت 3 ڏينهن جو ريمانڊ منظور ڪيو، مقتول جو والد جمال الدين سميجو صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو پوليس جي ڪيل ڪاروائيءَ سان مطمئن آهن ۽ اميد آهي ته باقي ملوث جوابدار به جلد قانون جي گرفت ۾ ايندا ۽ انصاف حاصل ٿيندو، جمال الدين سميجو جو چوڻ آهي ته مقتول سان سؤٽ الهداد 15 ڏينهن اڳ ڪنھن معاملي تي بحث ڪري رھيو ھو، ۽ رات جي تاريڪيءَ ۾ هنن اسانجي گھر تي حملو ڪيو، هن وڌيڪَ چيو ته پوليس واقعي جي مڪمل تحقيقات ڪري رهي آهي ته جيئن حقيقت سامهون اچي ۽ انصاف مهيا ٿئي.