ملير: ڀينس ڪالوني ۾ زال مڙس جي قتل وارو واقعو، 2 جوابدار گرفتار

ملير: ڀينس ڪالوني ۾ زال مڙس جي قتل وارو واقعو، 2 جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سڪڻ ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني انصاف ڪانٽي ڀرسان پيش آيل افسوسناڪ واقعي جنهن ۾ مڙس ۽ زال کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ٻه جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن۔پوليس موجب ڊي آءِ جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ علي جي هدايتن تي واقعي کان فوراً پوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙي ويون۔ سُڪڻ پوليس ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ديدار ۽ علي حيدر جي نالن سان ٿي آهي شروعاتي جاچ موجب جوابدارن ٻين ساٿين سان گڏ ذاتي رنجش جي بنياد تي مڙس ۽ زال تي فائرنگ ڪئي، جيڪي علاج دوران فوت ٿي ويا۔پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه جوابدار حراست ۾ ورتا ويا۔ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو۔ وڌيڪ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رهيون آهن، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو۔