ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يو سي چشمہ جي وارڊ 4 ۾ علي محمد خاصخيلي ۽ موسى خاصخيلي جي ميزباني هيٺ عمر فاروق مسجد جي احاطي ۾ علائقي واسين جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڳوٺ جي معززن ۽ رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ قبرستان جي اھم مسئلي تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي متفقه طور نئين قبرستان جي صفائي ۽ انتظام لاءِ گهر گهر چندو گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنھن لاء سماجي اڳواڻ شبير خاصخيلي کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته قبرستان جي صفائي ۽ نگراني جون ذميواريون سليمان خاصخيلي، علي محمد خاصخيلي، احمد خاصخيلي ۽ لدھو شاهه کي سونپيون ويون اجلاس ۾ جاويد خاصخيلي، شبير خاصخيلي، جبلي خليفو احمد علي محمد خاصخيلي، عثمان خاصخيلي، جبلي ڀاگياڻي خاصخيلي، جمن خاصخيلي، ناکوا اشرف خاصخيلي، عرس شاهه، اسماعيل، خيرمحمد خاصخيلي، سجاد خاصخيلي، بابو صديق، سليمان خاصخيلي سميت ڪيترين ئي معززن شرڪت ڪئي شرڪت ڪندڙن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل تعاون سان قبرستان جا مسئلا جلد حل ٿي ويندا ۽ صفائي ستھرائي جا انتظام مستقل بنيادن تي جاري رهندا
0 تبصرے