شبِ برات اسلامي ڪئلينڊر جي نهايت اهم ۽ بابرڪت راتين مان هڪ آهي،جيڪا هر سال شعبان المعظم جي پندرهين تاريخ جي رات ملهائي ويندي آهي. “شب” جو مطلب رات ۽ “برات”جو مطلب نجات يا ڇوٽڪارو آهي،يعني اها رات جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي بندن کي گناهن کان نجات،بخشش ۽ رحمت عطا فرمائيندو آهي.مسلمان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن رات کي وڏي عقيدت، عبادت ۽ روحاني جذبي سان گذاريندا آهن.
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه گمراه طبقو هن ڀلاري رات کي غفلت ۾ گذاري ٿو ۽ ڦٽاڪن جي رات سمجهي ڦٽاڪا هڻن ٿا،آتشبازي ڪن ٿا ۽ هن بابرڪت رات جي فضيلت کان محروم رهن ٿا.
حضرت بيبي عائيشه صديقه رضه جو قول مبارڪ آهي ته شعبان المعظم جي پندرهين تاريخ جي رات ھي اعلان ٿيندو آهي ته:" آهي ڪو بخشش جو طالب ته انکي بخشيو وڃي،آهي ڪو سائل ته ان جو سوال پورو ڪيو وڃي ۽ پوري رات الله پاڪ جي سخاوت ۽ عنايت جا اعلان ٿيندا رهن ٿا."v
شبِ برات جي اهميت:v
هن رات ۾ ماڻهن جي تقدير لکي وڃي ٿي ۽ انهن جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا۽ هن رات ۾ انسانن جا عمل مٿي کنيا وڃن ٿا لکين مومنن کي جهنم کان آزاد ڪيو وڃي ٿو ۽ هن رات کي ليلته البرات يعني ڇوٽڪاري واري رات به چيو وڃي ٿو.
اسلامي روايتن مطابق، شبِ برات ۾ الله تعاليٰ پنهنجي بندن ڏانهن خاص رحمت جي نظر سان ڏسندو آهي.حديثن ۾ اچي ٿو ته هن رات ۾ الله تعاليٰ پنهنجي گنهگار مخلوق جا بنو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جي اندازي جيتري وڏي تعداد کي معاف فرمائيندو آهي.سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي شرڪ زنا،ڪينو،حسد يا ٻين وڏن گناهن ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ توبه نه ڪندا آهن.
(شعب الايمان،بيهقي، ماثبته بالسنته،مشڪوات شريف،ڪنزالاعمال)
هيءَ رات مسلمانن لاءِ پنهنجي گذريل گناهن تي ندامت،توبه ۽ الله سان تعلق مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي.v
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته:"رجب المرجب الله جو مهينو آهي،شعبان المعظم منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان المبارڪ منهنجي امت جو مهينو آهي."v
حضرت بيبي عائيشه صديقه رضي الله عنھا نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کان روايت ڪري ٿي ته نبي ڪريم صه جن فرمايو ته: "ھن رات ۾ جيڪي ٻارڙا پيدا ٿيندا انهن جا نالا لکيا ويندا آهن ۽ جيڪي مرندا انهن جا نالا پڻ لکيا ويندا آهن ۽ ماڻهن جا عمل مٿي کنيا ويندا آهن ۽ هن رات ۾ ماڻهن جي رزق جا اسباب ۽ انداز به لکيا ويندا آهن."
(مشڪوات شريف ص-115)v
عبادت ۽ دعا:v
شبِ برات ۾ نفل نمازون پڙهڻ،قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ،ذڪر ۽ درود شريف پڙهڻ،روزو رکڻ۽ الله تعاليٰ کان مغفرت ۽ هدايت جي دعا ڪرڻ وڏي فضيلت رکن ٿا.ڪيترائي مسلمان هن رات ۾ پنهنجي ۽ سموري امتِ مسلمه لاءِ خير، سلامتي ۽ ڪاميابي جون دعائون گهرن ٿا.خاص طور تي والدين،مرحوم عزيزن ۽ مريضن لاءِ دعا ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي ۽ نفلي عبادت جيترو لڪي ڪجي اوترو وڌيڪ افضل آهي.v
حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته:"جيڪو شخص هن رات ۾ هڪ سو 100 نفل نماز ٻن سلامن سان پڙھي ۽ هر رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ سوره اخلاص(قل هوالله) 5 پنج ڀيرا پڙھي ته الله پاڪ ان لاءِ پنج لَکَ ملائڪ موڪليندو آهي ۽ هر هڪ ملائڪ وٽ نور جو دفتر هوندو آهي جنهن تي ان لاءِ قيامت تائين اجر ۽ ثواب لکندا رهندا ۽ مونکي قسم آهي ان ذات جو جنهن مون کي سچو رسول بڻائي موڪليو آهي جيڪو شخص هن رات ۾ مون تي ڪثرت سان درود شریف مون تي پڙھي ته ان کي نبين،رسولن،ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جو ثواب ڏنو وڃي ٿو."
(مشڪوات،الانوار درت الناصحين)v
حضرت مولا علي شيرِ خدا رضي الله عنه فرمائن ٿا ته مون نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي چوڏهن رڪعتون نماز پڙهندي ڏٺو نماز کان بعد پاڻ ڪريم صه جن ويٺا ۽ سوره فاتحه 14 ڀيرا،سوره اخلاص 14 ڀيرا،سوره فلق 14 ڀيرا،
سوره ناس 14ڀيرا ۽ هڪ ڀيرو آيته الڪرسي ۽ هڪ ڀيرو "لقد جاءَڪم رَسُولُُ مِن اَنفُسڪُم عَزِيزُُ عَليه ما عَنِتُم حَرِيصُُ عَلَيڪُم باالمومِنينَ رَئوفُُ رَحِيمُ."
(سوره توبه) پڙهيائون پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فارغ ٿيا ته مون سندن کان نماز ۽ تلاوت جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ ڪريم صه فرمايائون ته
"اي علي مون جيان اگر ايئن ڪير ڪري ته ان کي ويھ مقبول حَجَ ۽ ويھ سال روزن رکڻ جو ثواب عطا ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ان صبح تي روزو رکيائين ته اهو روزو ٻن سالن جي روزن جي برابر ثواب آهي هڪ سال گذريل ۽ ٻيو ايندڙ سال جي برابر".(بيهقي،شعب الايمان)
قبرستانن جي زيارت:
ڪيترن علائقن ۾ شبِ برات تي قبرستانن جي زيارت ڪرڻ جو رواج آهي.ماڻهو پنهنجي مرحوم عزيزن جي قبرن تي وڃي فاتحه پڙهن ٿا ۽ انهن جي مغفرت لاءِ دعا ڪن ٿا.هي عمل انسان کي آخرت جي ياد ڏياري ٿو ۽ دنيا جي فاني هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي،جيڪو انسان کي نيڪ عملن ڏانهن راغب ڪري ٿو.
سماجي ۽ اخلاقي پهلو:
شبِ برات صرف انفرادي عبادت تائين محدود ناهي،پر اها رات سماجي ۽ اخلاقي سڌاري جو پيغام پڻ ڏئي ٿي.هن موقعي تي ماڻهن کي گهرجي ته هڪ ٻئي سان ڪينو،بغض ۽ نفرت ختم ڪن،معافي گهرن ۽ معاف ڪن.غريبن ۽ ضرورت مند ماڻهن جي مدد ڪرڻ،خيرات ڏيڻ ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ هن رات جي روح سان مڪمل هم آهنگ آهن.
شبِ برات رحمت،مغفرت ۽ نجات جي رات آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي رب سان ويجهو ٿيڻ، پنهنجي غلطين تي توبه ڪرڻ ۽ مستقبل کي نيڪ عملن سان سنوارڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿي.جيڪڏهن اسان هن رات کي خلوصِ نيت،سچي توبه ۽ نيڪ ارادن سان گذاريون ته يقيناً الله تعاليٰ جي رحمت ۽ برڪت اسان جي زندگيءَ ۾ شامل ٿيندي.
حضرت شيخ الشيوخ سیدنا عبدالقادر جيلاني المعروف غوث الاعظم رحه جو فرمان آهي ته:
"رجب المرجب،شعبان المعظم ۽ رمضان المبارڪ ٽئي ڀلارا مهينا گڏوگڏ آھن،رجب المرجب گذري ويو اهو هَٿَ ۾ نه آهي رمضان شريف تائين زندگيءَ تي ڀروسو ناهي باقي شعبان المعظم هلي رهيو آهي ان ۾ جيڪا عبادت ڪرڻي اٿئي سا ڪري وٺ."
ڀٽ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه فرمايو آهي ته:
"پوکڻي اٿئي ته پوک جيسين پاڻي اٿيئي پاڙ ۾،
مندَ به ويندئي نڪري سڙي ٿيندين سوڪ،
جاٿي لڻندو لوڪ اتي سڪندي سنگ لاءِ."
دوستو مٿي بيان ڪيل ڳالهين مان معلوم ٿيو ته هن رات جي ڪيڏي نه وڏي اهميت ۽ فضيلت رکي وئي آهي ان ڪري اسان کي ان رات غفلت جي ڪمن ۽ ننڊ کي ڇڏي پنهنجي گناهن تي پشيمان ٿي رب پاڪ کان معافي وٺڻ گهرجي،روزو رکڻ کپي،عبادت ڪرڻ گهرجي ڇو ته زندگيءَ تي ڀروسو ناهي وري اهڙو موقعو ملي الائي نه..!!!!
انسان پنهنجي زندگيءَ جي هر پَل کي غنيمت سمجهي نيڪ ۽ صالح عمل ڪري ۽ پنهنجي آخرت لاءِ سٺو ثمر گڏ ڪري نه ته سواءِ ندامت جي ڪجھ به نه ورندو..
حديث شريف ۾ اچي ٿو ته"انسان آخرت ۾ دوزخ جي باهه ڏسي ڪيترو به روئي رت جا درياهه وهائي جو ان تي ٻيڙيون هلن پر اهي ڳوڙها جھنم جي ٻاھ کي اجهائي نه ٿا سگهن پر جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو انسان خدا جي خوف ۾ هڪ به ڳوڙهو ڳاڙي اهو دوزخ جي باھ کي وسائڻ جي لاءِ ڪافي آهي.......سبحان الله
ان ڪري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته:"انسان حياتيءَ جو قدر مرڻ کان اڳ ڪري"
الله تعاليٰ اسان سڀني کي شبِ برات جي حقيقي برڪتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ۽ پنهنجي بندگي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسانکي برن عملن کان بچائي. آمين۔
"موت آئي اور لي گئي سيڪڙون ڪو لحد مين،
يا خدا مين مرون بس تيري نبي ڪي شهر مين،
يا مديني ڪي گليون ڪو صاف ڪرتي ڪرتي قضا ڪا فرشتا آئي،
يا درود پاڪ پڙهتي پڙهتي ميرا وصال هوجائي."
0 تبصرے