“ماڊرن سٽي” نالي هڪ ٻي هائوسنگ اسڪيم سرڪاري زمين تي غيرقانوني طور تي ٺاهي وئي آهي: عملدار
ٺٽو(ڊر) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پارا سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن توڙي مختلف قبضن خلاف ھلندڙ مھم جو گھارو جي لينڊ مافيا تي ڪو اثر نہ ٿيو.سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ان تي غيرقانوني ھائوسنگ اسڪيم ھلائيندڙن خلاف اڃا ڪا اثرائتي ڪاروائي نہ ٿي سگھي. جيتوڻيڪ گهارو ۾ روينيو کاتي پاران غيرقانوني بلڊرن خلاف نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. کاتي جي رپورٽن موجب، “ماڊرن سٽي” نالي هڪ ٻي هائوسنگ اسڪيم پڻ سرڪاري زمين تي غيرقانوني طور تي ٺاهي وئي آهي، جنهن جي دستاويزن جي تصديق لاءِ روينيو کاتي سو ايڪڙ زمين جا رڪارڊ طلب ڪيا آهن.باخبر ذريعن موجب، بلڊرن پنهنجي سياسي ۽ انتظامي اثر رسوخ استعمال ڪري ڪاروائي کي عارضي طور روڪائي ڇڏيو آهي، پر روينيو کاتي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مٿين پلاٽنگ کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪنهن به مهل سرڪاري سطح تي ڪاروائي ٿي سگهي ٿي.ماهرن ۽ شهري حلقن جو چوڻ آهي ته گهارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شهرين کي پلاٽ خريد ڪرڻ وقت مڪمل تصديق ڪري خريداري ڪرڻ گهرجي، جيئن شهزاد هائوسنگ اسڪيم جيان سندن محنت جي ڪمايل رقم ضايع نه ٿئي.علائقائي ماڻهن ۽ متاثر خريد ڪندڙن مطالبو ڪيو آهي ته ڊي سي ٺٽو ۽ اي سي ميرپورساڪرو فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي، سرڪاري زمين تي جاري تعميراتي ڪم بند ڪرائين ۽ غريب ماڻهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.جڏھن تہ ھتان جي سياسي سماجي حلقن ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جو پڻ ڌيان ڇڪائيندي مطالبو ڪيو آھي تہ گھارو لڳ ڪروڙين اربين رپين جي سرڪاري زمين تي غيرقانوني قبضو ڪري ماڊرن سٽي نالي ھائوسنگ اسڪيم ٺاھي غريب عوام کي ڦريندڙ لينڊ گريبرن خلاف اثرائتي ڪاروائي ڪري زمين سرڪاري تحويل ۾ ورتي وڃي ۽ عوام کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي
0 تبصرے