پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان مشھور ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو جي سهائتا

پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان مشھور ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو جي سهائتا

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان بيماري ۾ مبتلا مشھور ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو کي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کان علاج ۾ سھڪار لاء چيڪ منظور ڪرائي ڏنو. خبر موجب مشھور ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو بيماري ۾ مبتلا ٿيل آھي جنھن جي علاج ۾ مدد خاطر پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کان چيڪ منظور ڪرائي ڏنو ويو جيڪو پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي پرسنل سيڪريٽري ڪنول موھن لال رتناڻي طرفان ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو جي حوالي ڪيو ويو جڏھن ته علاج ۾ مدد خاطر چيڪ ملڻ تي ڍولڪ نواز فقير ڦوٽو طرفان سنڌ حڪومت، پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو شڪريو ادا ڪيو ويو.