سنڌ حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي: راجوير سنگھ سوڍو

اهڙيون تربيتون ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ جوابدهي جي هڪ مضبوط ۽ پائيدار ثقافت کي هٿي ڏين ٿيون

سنڌ حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي: راجوير سنگھ سوڍو

عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن واري کاتي لاءِ اسپيشل اسسٽنٽ راجوير سنگھ سوڍو ٻن ڏينهن واري تربيتي پروگرام ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ اهم ڪِي نوٽ خطاب ڪيو، هي تربيت Huqooq-e-Pakistan Phase-II منصوبي تحت منعقد ڪئي وئي، جنهن کي يورپي يونين جي مالي سهڪار سان يو اين ڊي پي (UNDP) لاڳو ڪري رهي آهي، تربيت ڪراچي جي هوٽل ميرٽ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، خطاب ڪندي راجوير سنگھ سوڍا چيو ته اهڙيون تربيتون سرڪاري ادارن ۾ انساني حقن بابت شعور، صلاحيت ۽ ذميواري وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو هن تربيت دوران حاصل ڪيل ڄاڻ ۽ مهارتن کي پنهنجي پنهنجي کاتن ۾ عملي طور لاڳو ڪن، جيئن سنڌ صوبي پاران قومي سطح تي انساني حقن جي نگراني، رپورٽنگ ۽ سڌارن واري عمل ۾ ڀرپور ۽ بامقصد ڪردار ادا ٿي سگهي، راجوير سنگھ سوڍا وڌيڪَ چيو ته سنڌ حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي، جنهن لاءِ باخبر پاليسي سازي، ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ قانونن جي مؤثر عملدرآمد تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته اهڙيون تربيتون صوبائي سطح تي ضابطن جي پابندي، ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ جوابدهي جي هڪ مضبوط ۽ پائيدار ثقافت کي هٿي ڏين ٿيون، آخر ۾ هن اميد ظاهر ڪئي ته تربيت ۾ شريڪ عملدار مستقبل ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪَ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا ۽ حڪومت سنڌ جي ڪوششن کي وڌيڪَ مضبوط بڻائيندا.