ملير: هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ جنرل ٽيسٽ ۾ ڪامياب شاگردن جي مان ۾ تقريب

شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان گڏوگڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام پڻ ڏنا ويا

ملير: هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ جنرل ٽيسٽ ۾ ڪامياب شاگردن جي مان ۾ تقريب

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي بوائز هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ جنرل ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيل هُنر مند شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڪامياب شاگردن کي شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان گڏوگڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي خاص انعام پڻ ڏنا ويا، تقريب جو انتظام اسڪول انتظاميه پاران شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ مستقبل ۾ تعليمي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو، تقريب ۾ استادن، والدين ۽ اسڪول جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ڪامياب شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، تقريب ۾ خطاب ڪندي مقررين چيو ته شاگرد اسانجو مستقبل ۽ سرمايو آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ غريب شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ اهڙا پروگرام شاگردن جي اعتماد ۾ اضافو ڪن ٿا ۽ انهن کي يونيورسٽي داخلا ٽيسٽ ۾ پڻ مدد ڏين ٿا، مقررين زور ڏنو ته ٻارن جي حوصلا افزائي ۽ تعليمي مدد اسان سڀني جي ذميواري آهي ته جيئن اهي ڪامياب ۽ خودمختيار شهري بڻجي سگهن، پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد ڀورو ولد همير، ڪنجي ولد ونجهو، ڌنيش آچار، نوالدين ولد مولا بخش، هريش ولد ڀوپو، سجاد حسين ولد محمد، هيمن ولد رائچند، ساحل ولد ليمچند ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي انعام ڏنا ويا، تقريب ۾ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر (اليمنٽري ۽ سيڪنڊري) مير حسن آريسر، ٽي اي او غلام مرتضيٰ سهتو، اي اي او شاملال، پروفيسر عبدالرؤف سومرو (پرنسپل گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج)، ڊاڪٽر رامچند جاتيا، هيڊ ماسٽر رام سنگھ، کيت پال شرما (ايڇ ايس ٽي)، خالد خاصخيلي (هيڊ ماسٽر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 2) ۽ بوائز هاءِ اسڪول غريب آباد جو مڪمل اسٽاف موجود هو، تقريب جي آخر ۾ شاگردن شيلڊون ۽ انعام وصول ڪيا ۽ مستقبل ۾ اعليٰ ڪارڪردگي لاءِ پرعزم ٿيڻ جو عزم ظاهر ڪيو.