ملير: پورٽ قاسم ٽرڪ پارڪنگ ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ زخمي

ملير: پورٽ قاسم ٽرڪ پارڪنگ ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم ٽرڪ پارڪنگ جي ويجهو نامعلوم هٿياربند ڦوروئن جي فائرنگ سبب خانگي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو۔ ريسڪيو عملدارن موجب واقعي دوران ڦوروئن اوچتو فائرنگ ڪري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڊيوٽي تي موجود سيڪيورٽي گارڊ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي ويو۔ زخمي سيڪيورٽي گارڊ جي سڃاڻپ علي شير طور ٿي آهي۔اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمي کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔هوڏانهن پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ فرار ٿيل ڌاڙيلن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ڪارروائي جاري آهي۔