پابندين ۽ عدالتي حڪمن باوجود تعليم سميت مختلف کاتن ۾ من پسند ماڻھن جا آرڊر جاري ڪيا پيا وڃن: اڳواڻ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سميت ٻين سرڪاري کاتن ۾ چئن کان وڌيڪ ماڻھن کي آرڊر جاري ڪرڻ خلاف آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪاميٽي ضلعي ٺٽي جي سڏ تي اڄ عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي جمال الدين خاصخيلي، عاطف سومرو، مظھر جاکرو، شهزاد احمد جوکيو، خان محمد خاصخيلي، مير محمد مهر، شهزور قريشي ۽ عبداللطيف بلوچ سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. خطاب دوران اڳواڻن چيو ته واضح پابندين ۽ عدالتن جي حڪمن باوجود ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سميت مختلف کاتن ۾ من پسند ماڻھن جا آرڊر جاري ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ضلعي ٺٽي ۾ صحت، تعليم، واٽر بورڊ، لوڪل گورنمينٽ سميت ڪيترن ئي کاتن جا سوين جائز ڪيس سالن کان پينڊنگ ۾ پيل آهن. هنن چيو ته اسان ضلعي انتظاميا سميت ڊي سي ٺٽو کي به مسئلي کان باخبر ڪيو آهي، پر افسوس جو اڃا تائين ڪو به عملي قدم کنيو ناهي کنيو ويو. مقررن جو چوڻ هو ته ميرٽ جي لتاڙ، ناانصافي ۽ من پسند پاليسين سبب حقدار ماڻهو دربدري جو شڪار بڻيل آهن. مظاهري دوران اڳواڻن چونڊيل نمائندن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کان مطالبو ڪيو ته هو اسيمبلين اندر هن سنگين معاملي تي آواز اٿارين، جيئن ضلعي ٺٽي جي حقدار ماڻهن کي ناانصافي کان بچائي سگهجي ۽ پينڊنگ ڪيسن جو فوري حل ممڪن بڻجي. آخر ۾ احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جلد مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے