ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جو دورو

چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور ڊي سي جي آجيان ڪئي

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جو دورو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) صوبائي وزير علي حسن زرداري صاحب جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور طرفان استقبال ڪيو ويو۔ دوري دوران مختلف کاتن ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري ۾ قائم سيف سٽي ڪيمرائن جي نظام جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي۔ ان کان علاوه هن جديد سهولتن سان ليس ڪمپيوٽر سينٽر جو به معائنو ڪيو، جتي شاگردن کي مهيا ڪيل ڪمپيوٽر تعليم بابت بريفنگ ڏني وئي۔ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسپيشل ايجوڪيشن معزورن جي اسڪول جو پڻ دورو ڪيو ۽ تعليمي سهولتن بابت تفصيل ورتا۔ ان کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت تعلقه اسپتال گهوڙاٻاري جو دورو ڪيو، هن نئين تعمير ٿيندڙ اي سي آفيس گهوڙاٻاري ۽ مختيارڪار آفيس گهوڙاٻاري جو به معائنو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم جي رفتار ۽ معيار بابت عملدارن کان رپورٽ ورتي۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت چيو ته ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري پاران چيئرمين محمد رمضان پنهور جي اڳواڻي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام لاءِ جيڪي ترقياتي قدم کنيا ويا آهن، سي ساراهه جوڳا آهن۔ هن چيو ته سيف سٽي ڪيمرائن، ڪمپيوٽر سينٽر ۽ تعليمي ادارن جهڙن منصوبن سان نه رڳو شهر ۾ امن امان بهتر ٿيندو پر نوجوان نسل کي جديد تعليم ۽ تربيت جا موقعا پڻ ملندا۔ ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ جي پاليسي مطابق عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن ۽ ضلعي انتظاميا ٽائون ڪميٽي سان گڏجي ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ ان موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري محمد رمضان پنهور چيو ته ٽائون ڪميٽي جو مقصد گهوڙاٻاري شهر کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ آهي ۽ غريب عوام جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي۔ هن چيو ته نوجوانن کي ڪمپيوٽر تعليم ڏيڻ سان کين روزگار جا نوان موقعا ملندا ۽ علائقي جي مجموعي ترقي ممڪن ٿيندي۔ ان موقعي تي وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري ممتاز علي شورو، مختلف سرڪاري آفيسرن، معزز شخصيتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز پڻ شرڪت ڪئي، جن ڊپٽي ڪمشنر کي مختلف مسئلن بابت آگاهه ڪيو ۽ شهر جي بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪيون۔ آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ٽائون ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ سان گهوڙاٻاري شهر کي ماڊل ٽائون بڻائڻ ۾ مدد ملندي