ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ سٽي ۾ چائلڊ آف آدم هاسپيٽل باقاعده طور تي کوليو ويو آهي، جتي ذهني ۽ نفسياتي بيمارين جو علاج مڪمل طور تي مفت فراهم ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي هڪ آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سماجي ڪارڪنن، علائقي جي معزز شخصيتن ۽ چائلڊ آف آدم هاسپيٽل جي ٽيم شرڪت ڪئي۔تقريب کي خطاب ڪندي سماجي ورڪرن ظفر حميد، رفيق جوکيو، شاهه جهان خاصخيلي ۽ زمان جوکيو چيو ته ذهني بيمارين کي اسان جي سماج ۾ اڃا تائين غلط فهمين ۽ سماجي دٻاءَ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن سبب ڪيترائي مريض بروقت علاج کان محروم رهجي وڃن ٿا۔ چائلڊ آف آدم هاسپيٽل جو قيام انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ جي هڪ اهم ڪوشش آهي، جتي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي بنا ڪنهن فيس جي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔مقررین ٻڌايو ته هاسپيٽل ۾ ڊپريشن، اينگزائٽي، ذهني دٻاءَ سميت ٻارن ۽ وڏن جي مختلف نفسياتي بيمارين جي علاج لاءِ ماهر ڊاڪٽر ۽ تربيت يافته عملو موجود آهي۔ ان سان گڏ مريضن ۽ سندن گهرڀاتين کي رهنمائي ۽ ڪائونسلنگ جون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون ته جيئن ذهني صحت بابت شعور کي هٿي ملي۔تقريب دوران چائلڊ آف آدم هاسپيٽل جي ٽيم آگاهي مهم جي مقصدن تي روشني وجهندي چيو ته مهم جو بنيادي مقصد عوام کي ذهني صحت جي اهميت بابت آگاهه ڪرڻ، نفسياتي بيمارين کي بيماري طور تسليم ڪرائڻ ۽ علاج بابت موجود غلط فهمين جو خاتمو آڻڻ آهي۔ ٽيم وڌيڪ ٻڌايو ته گڊاپ سٽي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آگاهي مهم تحت سيمينارز، ڪميونٽي سيشنز ۽ فري ميڊيڪل ڪيمپس پڻ منعقد ڪيا ويندا۔آخر ۾ مقررین عوام کي اپيل ڪئي ته هو ذهني بيمارين کي شرمندگي يا ڪمزوري نه سمجهن، بلڪه بروقت علاج کي يقيني بڻائين ۽ چائلڊ آف آدم هاسپيٽل جي مفت سهولتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن۔
0 تبصرے