ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح

راندين نوجوانن کي منفي سرگرمين کان پري رکڻ ۽ صحتمند سماج جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: جاويد احمد ڏاهري

ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو شاندار ۽ پروقار افتتاح ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاهري ڪيو، هي ٽورنامينٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي اهتمام ۽ اسپانسرشپ هيٺ منعقد ڪيو پيو وڃي، افتتاحي تقريب ۾ راندين، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي حلقن سان لاڳاپيل نامور شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀر، علامه عبدالقادر جمالي، مولانا نظر محمد درس، سماجي اڳواڻ سيٺ مدن لال سوماڻي، پرتاب مالهي، روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو، سماجي اڳواڻ ڌرم داس نرڀاڻي، ٽائون آفيسر اويس سميجو، مشتاق ڪنڀر سميت معزز صحافي اسلم مهر، غلام مصطفىٰ مهر، زاهد خان، سوائي مل رکيسر، سورج ڪمار مالهي، اسد علي ڀرڳڙي، وقاص يوسفزئي، رمیش ڪلال ۽ ٻيا موجود هئا، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري ۽ ٽائون آفيسر اويس سميجو هارڊ بال سان بيٽنگ ۽ بالنگ ڪري ٽورنامينٽ جو باضابطه افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري چيو ته راندين نوجوانن کي منفي سرگرمين کان پري رکڻ ۽ صحتمند سماج جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، هن چيو ته ضلعي انتظاميه راندين جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي، ۽ اهڙن ايونٽن سان عمرڪوٽ ۾ لڪل ٽيلنٽ کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر ۽ ٽورنامينٽ جي اسپانسر رسول بخش رحيمداڻي خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ الڳ ڪرڪيٽ انڪلوزر ٺاهڻ گهرجي ته جيئن عورتن کي محفوظ ۽ بهتر ماحول مهيا ٿي سگهي، هن اعلان ڪيو ته مستقبل ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم پڻ جوڙي ويندي، ڇاڪاڻ ته عورتن کي راندين ۾ اڳتي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عورتون راندين جي ميدان ۾ اينديون ته نه رڳو صحتمند سماج جوڙبو، پر عمرڪوٽ جو نالو به صوبائي سطح تي روشن ٿيندو، ان موقعي تي ٻين سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ صحافين به باهمي گفتگو دوران ٽورنامينٽ جي انعقاد کي ساراهيو ۽ رحيمدانٽي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو، آخر ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي طرفان سڀني مهمانن کي ٿر جي ثقافت جي علامت روايتي ٿر جون لنگيون تحفي طور پيش ڪيون ويون.