عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، رحيمداڻي اڪيڊمي پاران هوپ فار ڊيزرٽ کي 4 وڪيٽن سان شڪست

عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، رحيمداڻي اڪيڊمي پاران هوپ فار ڊيزرٽ کي 4 وڪيٽن سان شڪست

عمرڪوٽ (اسپورٽس نیوز ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جاري ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽريڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي هڪ سنسني خيز مقابلي ۾، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ هوپ فار ڊيزرٽ کي 4 وڪيٽن سان شڪست ڏئي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽورنامنٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي نگراني ۽ اسپانسرشپ جي تعاون سان منعقد ڪيو پيو وڃي، ميچ ۾ هوپ فار ڊيزرٽ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر ڪيل 20 اوورز ۾ 173 رنز ٺاهيا، ٽيم جي طرفان انيل ڪمار شاندار بيٽنگ ڪندي 91 رنز جو دلڪش اننگز کيڏيو، جڏهن ته اسد کوسو 33 رنز ٺاهيندي هن جو ڀرپور ساٿ ڏنو، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي طرفان نادر علي بهترين بولنگ ڪندي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي مقرر ڪيل هدف صرف 17 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو، فهيم شاندار ۽ ذميوار بيٽنگ ڪندي 75 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهيا، جڏهن ته جبران 40 ۽ ڪرن 35 رنز ٺاھي نمايان رھيا، ان شاندار ڪارڪردگيءَ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ رسول بخش رحيمداڻي پاران فهيم کي ڏنو ويو، جنهن ٽيم کي فتح سان همڪنار ڪيو، تماشائين ميچ دوران شاندار راند مان مڪمل لطف ورتو، جڏهن ته منتظمين ٽورنامنٽ جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو.