ملير: ڀينس ڪالوني ۾ فائرنگ، زال ۽ مڙس قتل، هڪ ڄڻو زخمي

ملير: ڀينس ڪالوني ۾ فائرنگ،  زال ۽ مڙس قتل، هڪ ڄڻو زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ضلعي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مڙس ۽ زال قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو سڄڻ ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12، انصاف ڪانٽو ويجهو پيش آيو، جتي نامعلوم جوابدارن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو سدھير ولد عبدالحميد ۽ سندس زال 27 ورهين جي صائمه زال سدھير موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 35 ورهين جو سير ولس سومار خان زخمي ٿي پيو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون. فوتي ۽ زخمي کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن مڙس ۽ زال جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏني پئي جڏهن ته واقعي جي سببن بابت جاچ جاري آهي. ابتدائي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني يا ڪنهن پراڻي تڪرار جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، پر حتمي حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون اينديون.