مقتول جي والد ٿاڻي تي پهچي الهداد سميجو ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شھر جي موتي چوڪ وٽ بيدردي سان قتل ٿي ويل نوجوان جو ڪيس سندن سئوٽ الھداد سميجو ۽ 2 نامعلوم جوابدارن خلاف مقتول جي والد جي فرياد تي داخل، پوليس مک جوابدار ڄاڻايل الھداد سميجو کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول جي گھر ۾ روڄ راڙو متل خبر موجب عمرڪوٽ شھر جي ڪاروباري علائقي موتي چوڪ وٽ گلو ڪپڻ سبب قتل ٿي ويل نوجوان اسماعيل سميجو واري واقعي جو مقتول جي والد جمال الدين سميجو جي فرياد تي سندن سئوٽ الھداد سميجو ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته ڪيس ۾ فريادي والد جمال الدين سميجو موقف اختيار ڪيو آھي ته منھنجو وڏو پٽ 25 سالا محمد اسماعيل جيڪو شادي شده ھو ۽ ڪرائي تي جيپ ھلائيندو ھو نالي الھداد اسانجي ڳوٺ اڪلو ۾ رھندو آھي اسانجي گھرن اڳيان سرڪاري زمين پيل آھي ۽ زمين تان تڪرار ھلندڙ ھو ۽ انھي زمين جي تڪرار تان الھداد سميجو منھنجي پٽ محمد اسماعيل سان منھن ماري به ڪئي ھئي ۽ ڪاوڙ ۾ رھندو ھو بعد ۾ راڄ جي چڱن مڙسن انھي جو فيصلو به ڪيو ته ڪوبه ھڪ ٻي جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندو 23 جنوري تي اسانجي جيپ خراب ھئڻ ڪري انجڻ ٺھرائڻ مستري شير محمد سميجو جي گيريج ۾ وٺي آياسين ۽ ڪم ڪار لاء جيپ ڇڏي ھليا وياسين تاريخ 25.جنوري تي آئون ۽ منھنجو پٽ محمد اسماعيل ٻن ڀائرن علي مراد ۽ محمد موسي وارا گڏجي مستري شير محمد سميجو جي گيرج تي آياسين ۽ گاڏي جو ڪم ڪرايو رات جو 9 بجي اسان وٽ گيرج تي نالي الھداد ولد رمضان آيو منھنجي پٽ اسماعيل کي چيائين ته ھل چانھ پيئڻ ھلون ٿا ۽ محمد اسماعيل اسان کي ٻڌايو ته اوھان ٽڪرا مارڪيٽ ۾ نائي جي دڪان تي اچو اسان اچي ھتي چانھ پيئو ٿا جو اسان جي روبرو ٻئي ڄڻا روانا ٿي ويا ڪجھ دير ۾ اسان فارغ اسان به گيرج تان روانا ٿي ٽڪرا مارڪيٽ موتي چوڪ لڳ گلي ۾ داخل ٿي ھريش نائي جي دڪان وٽ ساڍا 9 بجي ڌاري پُھتاسين جتي تمام دڪان بند پيل ھئا ٿورو اڳيان اسان سڀني مون ۽ منھنجي ڀائرن علي مراد ۽ موسي وارن جي لائيٽ جي روشني تي ڏٺو ته منھنجو پٽ محمد اسماعيل جيترام ڀيل جي بند پيل دڪان جي ٿلي تي ويٺل آھي الھداد سميجو ھٿ ۾ ڇرو کنيئل ھن سان گڏ 2 نامعلوم جوابدار جن کي ڏسي سڃاڻينداسين جوابدار الھداد سميجو اسان جي روبرو منھنجي پٽ محمد اسماعيل جي وارن ۾ ھٿ وڌو اسان ھڪل ڪئي ايتري ۾ ھٿ واري ڇري جو سڌو وار محمد اسماعيل جي گلي تي ڪيو جو گلو ڪٽجي ويو ۽ رت ويھڻ لڳو جو اسان ٽئي ڀائرن جوابدارن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موتي چوڪ طرف وياسين جتي شھرين ٻڌايو ته زخمي محمد اسماعيل کي اسان گاڏي ۾ اسپتال روانو ڪيو آھي جو اسان به پويان اسپتال پُھتاسين جتي ڏٺو سين ته منھنجو فوت ٿي چڪو ھو اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو جو پوليس آئي ڪاغذي ڪاروائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو لاش ڪفن دفن ڪرڻ بعد ھينئر حاضر ٿي فرياد ٿو ڪريان جوابدار الھداد سميجو ۽ ان سان گڏ 2 نامعلوم جوابدار جن کي ڏسي سڃاڻينداسين جڏھن ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل الھداد سميجو کي عمرڪوٽ پوليس حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته قتل واري واقعي بعد مقتول جي گھر ۾ روڄ راڙو قھرام متل آھي ، ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ايڇ او سٽي احمد بخش راھمون ٻڌايو ته مک جوابدار الھداد سميجو کي حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ پڇا ڳاڇا جاري آھي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھڻي رھيا آھيون ۽ متاثر ڌر کي انصاف ڏياريو ويندو مقتول محمد اسماعيل جي وارثن سان تڏي تي سياسي سماجي حلقن طرفان پھچي ڏک جو اظھار ڪيو ويو ان ڏس ۾ گذريل ڏينھن پ پ ايم پي اي امير علي شاھ، پ پ ايم اين اي پير امير علي شاهه جيلاني، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزيز ميمڻ، ٿرپاڪر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين غلام حيدر سميجو، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جي فرزند راھول جيوڻ، پ پ اڳواڻ برھان ڪنڀر، قاسم ساند، اي سي رجب سٺيو، مختيارڪار علي شير سميجو، سي ايم او سيد ساجد علي شاھ، سماجي اڳواڻ ڪنھيا موھن لال رتناڻي، سميت ٻين تڏي تي پُھچي ڏک ونڊيو ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ ۽ ايم اين اي پير امير علي شاھ جيلاني چيو ته اسان ھن ڏک جي گھڙي ۾ متاثر خاندان سان گڏ آھيون ۽ قاتل جوابدار خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي متاثر خاندان سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين
0 تبصرے