ملير: آچار سالار ڳوٺ ڀرسان ڳوٺاڻن جو زمين تي مبينا قبضي خلاف قومي شاھراھ تي ڌرڻو

قبضا مافيا روينيو آفيسرن ۽ اسٽيل ٽائون پوليس جي مدد سان 60 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪيو آهي: ڳوٺاڻا

ملير: آچار سالار ڳوٺ ڀرسان  ڳوٺاڻن جو زمين تي مبينا قبضي خلاف قومي شاھراھ تي ڌرڻو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آچار سالار ڳوٺ ڀرسان ڳوٺاڻن جو زمين تي مبينا قبضي خلاف قومي شاھراھ تي احتجاج ريلي ڪڍي ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج ڪندڙن الله واريو جوکيو، محمد رستم جوکيو، حاجي خيرو جوکيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روينيو کاتي ملير جي آفيسرن اسٽيل ٽائون پوليس جي سرپرستي هيٺ قبضا مافيا اسان جي 60 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي اسٽيل ٽائون پوليس ۽ روينيو بن قاسم جي آفيسرن جي سرپرستي آهي احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان صدين کان ويٺل آهيون اسان جي ابن ڏاڏن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن قبضا مافيا زمينن تي قبضا ڪري علائقو نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سبب ڳوٺن جا دڳ لنگھ سخت متاثر ٿيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته مافيا جي لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي