عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٻه ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل 25 ورهين جي نوجوان محمد اسماعيل سميجو جي والد سان تعزيت جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، ان ڏکوئيندڙ لمحي ۾ ايم اين اي پير امير علي شاهه جيلاني، ايم پي اي سيد امير علي شاهه سميت برادري جي معزز ماڻهن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ علائقي واسين ڳوٺ اڪلو سميجا پهچي مقتول جي والد جمال الدين ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ضلع سينئير نائب صدر بــــرھان الدين ڪنڀر ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ضلع ٿرپارڪر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، مختيارڪار عـــلــــي شير سميجو، سيد ساجد علي شاهه، محمد اويس سميجو، خالد حسين خاصخيلي موجود ھئا.
0 تبصرے