English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي
5 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٽورنامينٽ جا ڪوارٽر فائينل ۽ سيمي فائينل اڄ ۽ فائينل ميچ سڀاڻي خميس ڏينھن ٿيند
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو آغاز ٿي ويو، رحمت ڪالوني گرائونڊ ۾ شروع ٿيل ٽورنامينٽ ٽن ڏينھن تائين جاري رهندو، ٽورنامينٽ جي پھرين ڏينھن تي 6 ميچ کيڏيا ويا، پھريون ميچ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڍڊرو ۽ گورنمينٽ طالب الموليٰ ھاءِ اسڪول ۾ ٿيو، ڍڊرو اليون جي ٽيم مقرر 6 اوورن 62 اسڪور ڪيو جيڪو طالب الموليٰ جي ٽيم 5 وڪيٽن تان کٽي ورتو، ٻي ميچ ۾ سڄڻ خان چانڊيو جي ٽيم 86 اسڪور ڪيو جيڪو گورنمينٽ قاضي سلطان هائير سيڪنڊري جي ٽيم 9 وڪيٽن تان کٽيو. ٽين ميچ ۾ گورنمينٽ فضل عمر هائير سيڪنڊري جي ٽيم 123 اسڪور ٺاهيا سندس مقابلي ۾ دي ويزن ٻسٽان جي ٽيم 78 اسڪور ٺاهي هارائي وئي. چوٿين ميچ ۾ هاءِ اسڪول رسول آباد جي ٽيم 78 اسڪور ٺاهيا جيڪو گورنمينٽ بوائز اسڪول ٻسٽان جي ٽيم 6 وڪيٽن تان کٽي ورتو، اھڙي ريت ٽورنامينٽ جو پنجين ميچ ۾ ليجنڊ پبلڪ اسڪول جي ٽيم 42 اسڪور ٺاهيو جيڪو خالد بين وليد اسڪول جي ٽيم 9 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن ته ڇھين ميچ ۾ هاءِ اسڪول ڏامون مل ميگھواڙ 37 اسڪور ٺاهيا جواب ۾ فائيو اسٽار اسڪول ٽن اوورن ۾ اسڪور مڪمل ڪري 8 وڪيٽن تائين ميڇ کٽي ورتو. ان موقعي تي مختلف اسڪولن جا پرنسپالز ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو، جڏھن ته اڄ ٽورنامينٽ جا ڪوارٽر فائينل ۽ سيمي فائينل ٿيندا ۽ فائينل ميچ سڀاڻي خميس ڏينھن ٿيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jan 2026
•
سندھ
عمرکوٹ میں گلا کاٹ کر قتل کیے گئے اسماعیل سمیجو کے واقعے کا مقدمہ درج، ایک ملزم گرفتار
27th Jan 2026
•
سندھ
مورو کے قریب گاؤں سید اڀریو شاہ کے رہائشیوں کا پولیس کی مبینہ زیادتیوں کے خلاف احتجاجی مظاہرہ
27th Jan 2026
•
سندھ
ٹالهی میں حد دخل اور قبضوں کے خلاف کارروائی، کچے اور پکے دکانیں اور جھونپڑیاں ڈھا دی گئیں
27th Jan 2026
•
سندھ
ملیر: آچار سالار گاؤں کے قریب، گاؤں والوں کا زمین پر مبینہ قبضے کے خلاف قومی شاہراہ پر دھرنا
27th Jan 2026
•
سندھ
عمرکوٹ میں گلا کاٹ کر قتل کیے گئے اسماعیل سمیجو کے واقعے کا مقدمہ درج، ایک ملزم گرفتار
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ڳلو ڪپي قتل ڪيل اسماعيل سميجو واري واقعي جو ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار
27th Jan 2026
•
سندھ
مورو کے قریب گاؤں سید اڀریو شاہ کے رہائشیوں کا پولیس کی مبینہ زیادتیوں کے خلاف احتجاجی مظاہرہ
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ويجھو ڳوٺ سيد اڀريو شاھ واسين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
ڪنري ۾ فضل عمر انٽر اسڪول ڪرڪيٽ
0 تبصرے