اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار اٽي چڪين تي ڇاپا هنيا
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ اٽو سستو نه ٿيو، ڪوٽا جي ڪڻڪ فراھمي باوجود سستو اٽو نه فراھم ڪرڻ تي انتظاميا جا اٽي چڪين تي ڇاپا، هزارين روپيا ڏنڊ وصول. خبر موجب ڪنري تعلقي ۾ سرڪاري ڪوٽا جي ڪڻڪ فراھم ڪرڻ باوجود اٽو سستو ناهي ٿي سگهيو، شھر ۽ ڀرپاسي ۾ اٽو 5 هزار في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار اٽي جي چڪين تي ڇاپا ھڻي اٽي جا اگھ معلوم ڪيو جنھن دوران اگھ ڳرا هجڻ ۽ مقرر اگھ تي اٽو وڪرو نه ڪندڙ ڪيترن ئي چڪين تي هزارين روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو، اي سي جو چوڻ ھو ته چڪي مالڪن کي ڪوٽا جي ڪڻڪ ملي پئي ان باوجود اٽو سستو نه پئي ڏنو اھڙي شڪايتن تي ڪاروائي ڪئي آھي. فلحال ڏنڊ ھنيو آھي ۽ وارنينگ ڏني آھي اگر اٽو سستو نه ڪيو ۽ مقرر اگھ کان وڌيڪ اگھ تي اٽي وڪرو ڪيو ته وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪنداسين.
0 تبصرے