ڊي سي عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس

ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي براءِ چائلڊ پروٽيڪشن جو اهم اجلاس ٿيو

ڊي سي عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي براءِ چائلڊ پروٽيڪشن جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي ڀر ۾ ٻارن جي تحفظ، فلاح و بہبود ۽ انهن جي بنيادي حقن جي حفاظت بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ عمرڪوٽ پوليس کاتي جي فوڪل پرسن، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عمرڪوٽ عنايت الله ڪنڀر، ڊسٽرڪٽ آفيسر چائلڊ پروٽيڪشن، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، سپرنٽنڊنٽ جيل عمرڪوٽ عرفان، ڊسٽرڪٽ آفيسر ليبر گلزار احمد، سينيئر سٽيزن عبدالله کوسو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ٻارن کان جبري پورهيو، چائلڊ ليبر، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعليم، ٻارن سان تشدد ۽ استحصال خلاف کنيل قدمن تي تفصيلي خيال ونڊيو ويو. ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ٻارن جي تحفظ بابت جاري قدمن، پيش ايندڙ مسئلن ۽ ايندڙ لائحه عمل بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ واضح هدايتون ڏيندي چيو تہ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۾ ڪنهن بہ قسم جي لاپرواهي برداشت نہ ڪئي ويندي. هن سڀني لاڳاپيل کاتن کي پاڻ ۾ رابطي کي مضبوط بڻائڻ، فيلڊ ۾ مؤثر ڪارروايون يقيني بڻائڻ ۽ قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ چائلڊ پروٽيڪشن سان لاڳاپيل قانونن تي مڪمل عملدرآمد، عوامي آگاهي مهمن جي انعقاد ۽ شڪايتن جي بروقت ازالي کي يقيني بڻايو وڃي، تہ جيئن ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٻارن کي محفوظ ۽ بهتر ماحول فراهم ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ سرن جي بٺي تي ٻار ڪم ڪندي نظر آيا تہ بٺي مالڪن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس جي پڄاڻي تي ٻارن جي تحفظ بابت مختلف فيصلا ڪيا ويا ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن تي فوري عملدرآمد جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.