مفت ڪمپيوٽر سينٽر جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ هڪ مثالي منصوبي جي حيثيت رکي ٿو: عاشق زرداري
ٺٽو(ڊ ر)گهوڙاٻاري جي غريب ۽ محنتي عوام جي ٻارن لاءِ علم اميد ۽ روشن مستقبل ڏانهن هڪ تاريخي اڳڀرائي صوبائي وزير سروسز اينڊ ورڪس ۽ جيل خانه جات سنڌ عـلي حـسن زرداري ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ٺٽو صـادق عـلي ميمڻ، چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور جي خصوصي هدايتن ۽ چيئرمين ٽائون ڪميٽي محمد رمضان پنهور جي سنجيده ڪوششن سان قائم ٿيل هي مفت ڪمپيوٽر سينٽر جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ هڪ مثالي منصوبي جي حيثيت رکي ٿو پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان اڳواڻ عــاشـق حـسين زرداري جي هٿان افتتاح سان هن مرڪز کي نئين اميد ۽ اعتماد حاصل ٿيو آهي جيڪو علائقي جي ٻارن کي جديد تعليم ۽ مستقبل جي روزگار سان جوڙيندو اهڙا عوام دوست قدم نه رڳو تعليم کي هٿي ڏين ٿا پر گهوڙاٻاري کي ترقي شعور ۽ خوشحالي جي راهه تي اڳتي وٺي ايندا، افتتاحي تقريب ۾ ترجمان محسن هائوس ٺٽو شاھنواز لوهار، وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري ممتاز علي شورو سميت شھر جي معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي-
0 تبصرے