English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻي عالمي ٿولهه ڪانفرنس 2026 پڄاڻي تي پهتي، ماهرن ٿولهه کي صحتِ لاءِ وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو
285 views
|
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه؛ ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر صادق ميمڻ جي نگراني ۾ پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (PUMHS) نوابشاهه جي لطيف هال ۾ ٻي عالمي موٽاپا ڪانفرنس 2026 منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت پرڏيهه مان آيل نامياري طبي ماهرن، سرجنن، اينڊوڪرائينولوجسٽن، نيوٽريشن ماهرن، محققن ۽ ميڊيڪل شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڪانفرنس جو مقصد موٽاپي جهڙي سنگين بيماري جي وڌندڙ شرح، ان جا سبب، اثرات ۽ جديد طبي ۽ علاج بابت تفصيلي بحث ڪرڻ هو. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد صادق ميمڻ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ۽ ٻين چيو ته موٽاپو هاڻي صرف جسماني خوبصورتي يا جسامت جو مسئلو نه رهيو آهي، بلڪه اهو ذيابطيس، دل جي بيمارين، هاءِ بلڊ پريشر، فالج، بانجھ پن ۽ ٻين ڪيترين ئي جان ليوا بيمارين جو بنيادي سبب بڻجي چڪو آهي.ڪانفرنس جي مختلف سائنسي سيشنن دوران موٽاپي جي جديد علاج، بيريئٽرڪ سرجري، دوائن ذريعي علاج، هارمونل عنصر، متوازن خوراڪ، جسماني سرگرمي ۽ طرزِ زندگي ۾ تبديلي بابت تفصيلي ليڪچرز ۽ پريزينٽيشنون پيش ڪيون ويون. ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته متوازن غذا، باقاعده ورزش ۽ صحتمند طرزِ زندگي اختيار ڪري موٽاپي تي وڏي حد تائين ضابطو آڻي سگهجي ٿو.مقررن چيو ته پاڪستان ۾ غير صحتمند خوراڪ، فاسٽ فوڊ جو وڌندڙ رجحان، جسماني سرگرميءَ ۾ گهٽتائي ۽ آگاهيءَ جي کوٽ موٽاپي جي واڌ جا وڏا سبب آهن. هنن حڪومت، طبي ادارن ۽ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور عوام ۾ آگاهي وڌائڻ لاءِ قدم کڻن.ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ماهرن اهو به چيو ته جيڪڏهن موٽاپي جي بروقت سڃاڻپ ۽ مناسب علاج نه ڪيو ويو ته ان سان صحت جي نظام تي اضافي بار پوندو. هنن چيو ته اهڙيون عالمي ڪانفرنسون جديد تحقيق جي ڏي وٺ، طبي ماهرن جي وچ ۾ رابطن ۽ مريضن جي بهتر علاج لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. آخر ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته مستقبل ۾ به اهڙيون علمي ۽ سائنسي گڏجاڻيون جاري رکيون وينديون ته جيئن صحتِ عامه جي مسئلن تي اثرائتي نموني سان ضابطو آڻي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٻي عالمي ٿولهه ڪانفرنس 2026 پڄاڻي
PUMHS
ايشين انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز
0 تبصرے