English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو پاران ايل پي جي فيڪٽري تي ڇاپو، 4 ڄڻا گرفتار
122 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڇاپي دوران ايل پي جي سان ڀريل برائوزر، ھڪ ڊاٽسن ۽ ھڪ ٽرڪ سميت وڏي تعداد ۾ سيلينڊر ھٿ
ھنڱورجا(رپورٽر)اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو جو گڏيجي ڀرسان قومي شاھراھ تي غير قانوني ايل پي جي فيڪٽري تي ڇاپو .ايل پي جي سان ڀريل ھڪ وڏو برائوزر ھڪ ڊاٽسن ۽ ھڪ ٽرڪ سميت وڏي تعداد ۾ سيلينڊر ھٿ ڪيا ويا آھن ۽ غيرقانوني ڪم ڪندڙ چار ماڻھو گرفتار ڪري فيڪٽري کي سيل ڪيو ويو آھي تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاھ محمد چانگ آچر جي موڪل واري ڏھاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف حسين چاچڙ جي ھدايتن تي گڏيجي ڀرسان قومي شاھراھ تي غيرقانوني قائم ڪيل ايل پي جي جي فيڪٽري تي اوچتو ڇاپو ھنيو . ڇاپي دوران گئيس سان ڀريل وڏو برائوزر . ھڪ ٽرڪ ۽ ھڪ ڊاٽسن سميت وڏي تعداد سلينڊر برآمد ڪيا ويا آھن اي سي سوڀوديرو شاھ محمد چانگ بروقت پوليس گھرائي فيڪٽري اندر غيرقانوني ڪم ۾ ملوث چار ماڻھن کي پڻ گرفتار ڪرائي فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو آھي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاھ محمد چانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي تہ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف حسين جي حڪم تي ڪاروائي ڪئي آھي ھن ٻڌايو ت ھتي ايل پي جي جي غيرقانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي ھئي جنھن کي فوري طور سيل ڪيو ويو آھي ۽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ چار ماڻھو گرفتار ڪرايا آھن ھن چيو ت ايل پي جي غيرقانوني وڪري تي پابندي آھي ھتي وڏو جاني نقصان ب ٿي پئي سگھيو ان ڪري فيڪٽري کي سيل ڪيو ويو آھي . ھن ٻڌايو فيڪٽري اندر ھڪ وڏو گئيس جو برائوزر. ھڪ ٽرڪ ۽ ڊاٽسن کان سواء وڏي تعداد ۾ سيلينڊر ھٿ ڪيا ويا آھن ھن چيو اوگرا جي اختيارين وڌيڪ ڪاروائي لاء پڻ لکيو ويو آھي ۽ اسان ڪوب غيرقانوني عوامي مفادن جي خلاف ڪم ٿيڻ ن ڏينداسون . اھڙو ڪڌو ڪم ڪندڙن عناصرن خلاف ڪاروايون جاري رھنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو
0 تبصرے