ٺٽي ۾ نامياري اديب ۽ محقق انور پيرزادو جي سالگره تقريب منعقد

سنڌ ڪلچرل فورم ٺٽي پاران ڪينجھر ڪنڌيءَ تي آباد جھمپير شهر ۾ تقريب منعقد

ٺٽي ۾ نامياري اديب ۽ محقق انور پيرزادو جي سالگره تقريب منعقد

ٺٽو(ڊر) سنڌي ادب، تحقيق ۽ صحافت جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ اديب ۽ محقق، انور پيرزادو جي 81هين سالگره سنڌ ڪلچرل فورم ٺٽي پاران ڪينجھر ڪنڌيءَ تي اباد جھمپير شهر ۾ ملھائي ويئي.تقريب ۾ سنڌ جي نامياري شاعر خيرمحمد ’ڪوي‘ميربحر، سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، سينيئر وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو، سنڌي ادبي سنگت جھمپير جي سيڪريٽري استاد دائود ميربحر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.مقررن چيو ته انور پيرزادو هڪ انقلابي انسان هو، جنهن ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي پنهنجي ادبي ۽ تحقيقاتي ڪم ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل تائين پهچايو. هن نه صرف سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو پر تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ تشھير۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو.ھنن وڌيڪَ چيو ته انور پيرزادو سنڌي ثقافت، روايتن ۽ قدرن جو پاسدار هو، جيڪو نوجوانن کي هميشه پنهنجي ثقافت سان محبت ڪرڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي تلقين ڪندو هو. ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته انور پيرزادو جو ادبي ۽ صحافتي ڪم نوجوانن لاءِ مشعل راه آهي، جنھن سان سنڌي ادب ۽ ثقافت کي نئين سر زندگي ملي آھي.