لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ گرين هوميوپيٿڪ ڪانفرنس آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد

نجي اداري دي الٽيميٽ ايسوسئيٽس طرفان فرسٽ گرين هوميوپيٿڪ ڪانفرنس آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد ڪئي وئي

لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ گرين هوميوپيٿڪ ڪانفرنس آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ۾ نجي اداري دي الٽيميٽ ايسوسئيٽس طرفان فرسٽ گرين هوميوپيٿڪ ڪانفرنس آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد ڪئي وئي. جتي مهمان خاص صفدر علي مٺياڻي، آزاد حسين، غلام حسين کٽياڻ، ڊاڪٽر علي اڪبر آرائين، ڊاڪٽر جنيد بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي بابو اقبال، اعجاز احمد لغاري، عبدالمالڪ کٽياڻ، علي حسن پتوجو، چيو تہ هوميوپيٿڪ دوائن ۾ ڪو بھ سائيڊ افيڪٽ ناهي، هوميوپيٿڪ جون دوائون مرض کي جڙ کان ختم ڪري ڇڏين ٿيون، زندگيءَ ۾ صحت انسان جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ڊاڪٽر پيغمبري پيشو آھي جيڪو ڊاڪٽر نڀائي رهيا آھن، لاڙڪاڻہ ۾ هي پهريون پروگرام ٿيو آھي. اميد تہ اهڙا پروگرام ٿيندا رهن، هوميوپيٿڪ جي ڊگري لاءِ لاڙڪاڻہ ۾ ڪاليج کوليو ويو آھي.