ميرپورخاص ۾ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، واقعي بعد جوابدار فرار

جوابدار اسد خاصخيلي گهرو اڻبڻت تان ڀاڄائي ماروي کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ۾ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، واقعي بعد جوابدار فرار

ميرپورخاص ويجهو جان محمد خاصخيلي ڳوٺ ۾ جوابدار پسٽل جا فائر ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار اسد خاصخيلي گهرو اڻبڻت تان گوليون هڻي ماروي زال غلام حسين کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي کاڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو