ڌاٻيجي ۾ آئل فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه تي ضابطو اچي ويو

ڌاٻيجي ۾ آئل فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه تي ضابطو اچي ويو

ٺٽو(شفيق ڀٽي) اولڊ ڌاٻيجي ۾ واقع الحمد جنت آئل فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه جي واقعي تي مڪمل طور تي ضابطو آڻي ورتو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي سمورن لاڳاپيل ادارن جي بروقت ۽ گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه مڪمل طور وسائي وئي آهي. هن ٻڌايو ته فائر بريگيڊ، ايف ڊبليو او، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمن پيشه ورانه مهارت جو مظاهرو ڪندي اثرائتي ڪارروائي ڪئي، جنهن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي وئي. هن اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي جڏهن ته مالي نقصان به محدود رهيو آهي. ان موقعي تي فيڪٽري جي مالڪ علي رؤف ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن جو ٿورا مڃيندي چيو ته هو ضلعي انتظاميا ۽ سمورن ريسڪيو ادارن جي بروقت قدمن تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي، جن جي ڪري فيڪٽري کي وڏي نقصان کان بچايو ويو. هن چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ته ايتري وڏي باهه تي ايتري ٿوري وقت ۾ ضابطو آندو وڃي ۽ نقصان به گهٽ کان گهٽ رهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن جي هي مثال ساراهه جوڳي آهي، جنهن هڪ وڏي سانحي کي ٽاري ڇڏيو.