English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌاٻيجي ۾ آئل فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه تي ضابطو اچي ويو
192 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي) اولڊ ڌاٻيجي ۾ واقع الحمد جنت آئل فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه جي واقعي تي مڪمل طور تي ضابطو آڻي ورتو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي سمورن لاڳاپيل ادارن جي بروقت ۽ گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه مڪمل طور وسائي وئي آهي. هن ٻڌايو ته فائر بريگيڊ، ايف ڊبليو او، پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمن پيشه ورانه مهارت جو مظاهرو ڪندي اثرائتي ڪارروائي ڪئي، جنهن سبب باهه وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي وئي. هن اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي جڏهن ته مالي نقصان به محدود رهيو آهي. ان موقعي تي فيڪٽري جي مالڪ علي رؤف ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن جو ٿورا مڃيندي چيو ته هو ضلعي انتظاميا ۽ سمورن ريسڪيو ادارن جي بروقت قدمن تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهي، جن جي ڪري فيڪٽري کي وڏي نقصان کان بچايو ويو. هن چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ته ايتري وڏي باهه تي ايتري ٿوري وقت ۾ ضابطو آندو وڃي ۽ نقصان به گهٽ کان گهٽ رهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن جي هي مثال ساراهه جوڳي آهي، جنهن هڪ وڏي سانحي کي ٽاري ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڌاٻيجي ۾ آئل فيڪٽري ۾
0 تبصرے