چانڊو مل جي گهر مان چوري ڪندڙ حيدر علي ڀتي کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي ڪجهه ڏينهن اڳ جھمپير شهر جي چانڊومل ديوان جي گهر مان ٿيل چوري واري واردات ۾ ملوث جوابدار گرفتار، چانديءَ جا زيور برآمد، ڪيس داخل تفصيل موجب 3 جنوري 2026 تي رات جي وقت جھمپير شهر ۾ نامعلوم جوابدار چانڊومل ديوان جي گهر مان ڪرمنڊل، چاندي ۽ سون جا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس ٿاڻي جھمپير تي مدعي چانڊومل ديوان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو۔ ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ايس ايڇ او ٿاڻو جھمپير انسپيڪٽر محمد اسلم گگو پنهنجي اسٽاف سان گڏ خفيه اطلاع جي بنياد تي جھمپير شهر ۾ ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ ملوث مرڪزي جوابدار حيدر علي ولد مبارڪ عرف لاھوتي ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو۔ شروعاتي جاچ دوران جوابدار ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار جي نشاندهي تي مدعي چانڊومل ديوان جي گهر مان چوري ڪيل 8 تولا چانديءَ جا زيور ۽ ڪرمنڊل پڻ برآمد ڪيا ويا آهن۔ وڌيڪ برآمدگين لاءِ جوابدار جو پوليس ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
0 تبصرے