English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: پ پ اڳواڻ ۽ ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران ترقياتي رٿائن جو افتتاح
317 views
|
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نظير احمد ڀٽو علي اڪبر شاهه ۽ ابراهيم حيدري يوسيز ۾ مڪمل ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو افتتاح ڪيو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 86 ملير جي صدر نظير احمد ڀٽو يوسي علي اڪبر شاهه ۽ يوسي ابراهيم حيدري جي عوام کي بنيادي سهولتون مهياڪرڻ لاءِ مڪمل ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو افتتاح ڪيو. ترقياتي رٿائن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، سيوريج سسٽم، پيور بلاڪ ۽ ٻيون بنيادي بلدياتي سهولتون شامل آهن. افتتاحي تقريب جي موقعي تي علائقي جي معزز شخصيتن، پارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جو شاندار استقبال ڪندي گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون ۔ علائقي واسين بلدياتي سهولتون مهيا ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو . ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته يوسي علي اڪبر شاهه ۽ يوسي ابراهيم حيدري جي عوام هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪندي ووٽ ڏنا آهن، چونڊن دوران عوام سان ڪيل واعدا هاڻي بلدياتي سهولتن جي صورت ۾ پورا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي بنا ڪنهن فرق جي عوام کي بلدياتي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. نظير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته عوام جو ديرينا مطالبو پيئڻ جو صاف پاڻي هو جيڪو حل ڪري دلي خوشي ٿي آهي ، نظير ڀٽو چيو ته تعليم، صحت، سيوريج نالا، روڊ، پيور بلاڪ ۔ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون بلدياتي سهولتون عوام جي در تي پهچائي اسان پنهنجو فرض نڀايو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن عملي طور تي عوام جا مسئلا حل ڪيا آهن، جڏهن ته ٻيون پارٽيون صرف ڳالهين تائين محدود آهن. ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته آء بلاول ڀٽو زرداري جو سفير آهيان۔ پارٽي چيئرمين جي منشور تي عمل ڪندي عوام کي بنا ڪنهن فرق جي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. تقريب ۾ ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ۔ ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مٽو، انجنيئر سھيل ملاح، ٽائون ميمبرن مکي اوڌامل، عظيم فيروزاڻي، مولانا رفيق الحسيني سميت پارٽي اڳواڻن، علائقي جي معززين ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: پ پ اڳواڻ ۽ ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو
0 تبصرے