ملير: پ پ اڳواڻ ۽ ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران ترقياتي رٿائن جو افتتاح

نظير احمد ڀٽو علي اڪبر شاهه ۽ ابراهيم حيدري يوسيز ۾ مڪمل ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو افتتاح ڪيو

ملير: پ پ اڳواڻ ۽ ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران ترقياتي رٿائن جو افتتاح

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 86 ملير جي صدر نظير احمد ڀٽو يوسي علي اڪبر شاهه ۽ يوسي ابراهيم حيدري جي عوام کي بنيادي سهولتون مهياڪرڻ لاءِ مڪمل ٿيندڙ ترقياتي رٿائن جو افتتاح ڪيو. ترقياتي رٿائن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، سيوريج سسٽم، پيور بلاڪ ۽ ٻيون بنيادي بلدياتي سهولتون شامل آهن. افتتاحي تقريب جي موقعي تي علائقي جي معزز شخصيتن، پارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جو شاندار استقبال ڪندي گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون ۔ علائقي واسين بلدياتي سهولتون مهيا ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو . ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته يوسي علي اڪبر شاهه ۽ يوسي ابراهيم حيدري جي عوام هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪندي ووٽ ڏنا آهن، چونڊن دوران عوام سان ڪيل واعدا هاڻي بلدياتي سهولتن جي صورت ۾ پورا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي بنا ڪنهن فرق جي عوام کي بلدياتي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. نظير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته عوام جو ديرينا مطالبو پيئڻ جو صاف پاڻي هو جيڪو حل ڪري دلي خوشي ٿي آهي ، نظير ڀٽو چيو ته تعليم، صحت، سيوريج نالا، روڊ، پيور بلاڪ ۔ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون بلدياتي سهولتون عوام جي در تي پهچائي اسان پنهنجو فرض نڀايو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن عملي طور تي عوام جا مسئلا حل ڪيا آهن، جڏهن ته ٻيون پارٽيون صرف ڳالهين تائين محدود آهن. ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته آء بلاول ڀٽو زرداري جو سفير آهيان۔ پارٽي چيئرمين جي منشور تي عمل ڪندي عوام کي بنا ڪنهن فرق جي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. تقريب ۾ ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ۔ ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مٽو، انجنيئر سھيل ملاح، ٽائون ميمبرن مکي اوڌامل، عظيم فيروزاڻي، مولانا رفيق الحسيني سميت پارٽي اڳواڻن، علائقي جي معززين ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.