مورو (جاني جماڻي) گهرو ۽ قانون جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار جي حڪمن تي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ، ايس ڊي او روڊس جاويد علي ڀنگر ۽ چيف ميونسپل آفيسر مورو نور محمد سمون سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي معائنو ڪيو دوري دوران چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ ميڊيا صحافي جاني جماڻي سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار جي واضح هدايتن مطابق شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان ملندڙ فنڊن کي شفاف نموني سان صحيح ۽ ضروري هنڌن تي استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن مورو شهر کي جديد سهولتن سان آراسته ڪري سگهجي هن وڌيڪ چيو ته روڊن جي مرمت، نالين جي تعمير، نيڪال آب جا نظام بهتر ڪرڻ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، جن سان شهرين کي روزمرهه جي مسئلن مان نجات ملندي. چيئرمين نظير احمد ميمڻ ٺيڪيدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪم معيار موجب ۽ مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ان موقعي تي ايس ڊي او روڊس جاويد ڀنگر ۽ چيف ميونسپل آفيسر نور محمد سمون به جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته سمورا ڪم مقرر ڪيل ڊزائن ۽ فني معيارن تحت مڪمل ڪيا ويندا شهرين پاران به ترقياتي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ۽ ميونسپل انتظاميا جي گڏيل ڪوششن سان مورو شهر ۾ سهولتن جو معيار وڌيڪ بهتر ٿيندو.
0 تبصرے